ھنڱورجا

هنڱورجا: ڪار ڦر، ڪوري برادري جو مظاهرو ، ڌرڻو

 ڪار ڦر، ڪوري برادري جو مظاهرو ، ڌرڻو
ڪار ڦر، ڪوري برادري جو مظاهرو ، ڌرڻو
هنڱورجا: سيٺارجا ٿاڻي جي حد ۾ هنڱورجا واسي غلام محمد ڪوري کان ڪار ڦر ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوري برادري جو مظاهرو ، ڌرڻو
تفصيل موجب ڪوري برادري جي ماڻهن سيٺارجا ٿاڻي جي حد ۾ هنڱورجا واسي غلام محمد ڪوري کان هٿياربندن پاران ڪار ڦر ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ محمد اسلم ڪوري، سراج ڪوري، غلام محمد ڪوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي مظاهرين الزام لڳايو ته هٿياربندن غلام محمد ڪوري جا هٿ پير ٻڌي سندس کان ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪندڙ جوابدارن کي سيٺارجا پوليس ڄاڻي واڻي گرفتار نٿي ڪري جڏهن ته پوليس کي جوابدارن جي سڀ خبر آهي پر ان باوجود ڪاروائي کان لنوائي رهي آهي جيڪڏهن ڦر جا جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته قومي شاهراهه هنڱورجا باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button