مختصر خبرون

هنڱورجا: ڊاڪٽر پاران مريضن سان بدتميزي سان پيش اچڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

هنڱورجا:ڳوٺ واٽيه جي رهواسين جو سرڪاري اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر پاران مريضن سان بدتميزي سان پيش اچڻ خلاف ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب آڏو برادري جي چڱي مڙس جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ، آئيني پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان
تفصيل موجب هنڱورجا جي ڳوٺ واٽيه جي رهواسين چڱي مڙس شير محمد واٽيو، محمد صديق واٽيو، اختيار حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به پرس ڪلب آڏو سرڪاري اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر ضمير حسين کوکر جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي اڳواڻن الزام لڳايو ته اسپتال ۾ محمد صديق واٽيو جي مريض عورتن سان مزڪورا ڊاڪٽر بدتميزي ڪئي آهي ان کي دوا ڏيڻ بدران ڌڪا ڏيئي واپس ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هتي نه ايندا ڪيو هنن چيو ته ڊاڪٽري پيشو پيغمبري آهي پر مزڪورا ڊاڪٽر وڏي ناانصافي ڪئي آهي جنهن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو . هنن ڊاڪٽر خلاف آئيني پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button