مختصر خبرون

هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو

هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي هڪ ئي رات ۾ قومي شاهراهه تي ٻن هنڌن تان مسافر گاڏين کان ڦر لٽ ، لنڪ روڊ تان هٿياربند هوٽل مالڪ کان موٽر سائيڪل فري فرار ڪيس داخل نه ٿيو
تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو قومي شاهراهه تي 8 نامعلوم هٿياربندن ملهيراڻي پوليس پڪٽ سامهون مسجد وٽ ڪوٽڙي ڪبير جي رهواسي علي گوهر ٿيٻو جي ڪار کي روڪي ۽ گڏ عورتن کان هزارين روپيه روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا ساڳئي رات نامعلوم هٿياربند هاءِ اسڪول ڀرسان ٽرڪن ۽ ٽريلرن کي روڪي ڊرائيورن کان هزارين روپيه روڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪري تشدد ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا جڏهن ته هنڱورجا جي لاهوتي هوٽل جي مالڪ گلشير جهانگر جي ڳوٺ کان پنهنجي هوٽل ڏانهن موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هيو ته کيس کي شهر ٻاهران هٿياربندن مڇر لنڪ روڊ تي روڪي کيس کان موٽرسائيڪل ، روڪ رقم ، موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ڦر واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button