اليڪشن 2013مختصر خبرون

هنڱورجا: پ پ سچن ورڪرن کي به نظر انداز ڪيو، سرائي لياقت علي خان مشوري

سڳيون جي جڳ مشهور زميندار ۽ مشوري برادري جي سردار مرحوم قادر داد خان مشوري جي ڀاءُ رئيس لياقت علي خان مشوري هنڱورجا پهچي پير آف هنڱورجا فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي اڳواڻ پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري فنڪشنل ليگ جي ضلعي سيد محرم علي شاهه لڪياري سان ملاقات ڪري پنهنجي برادري ۽ ساٿين سان گڏ پ پ ڇڏي فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سرائي لياقت علي خان مشوري ميڊيا کي ٻڌايو ته پ پ پنجن سالن جي اقتدار واري دور ۾ ملڪي خزاني جي ڀينگ ڪئي وئي ۽ پارٽي جي سچن ورڪرن کي به نظرانداز ڪيو ويو پ پ جي سنڌ دشمن پاليسين جي ڪري پارٽي ڇڏي فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿي رهيو آهيان پير پاڳارو ئي سنڌ ۽ ملڪ جي صحيح نموني خدمت ڪري سگهي ٿو آئون پير پاڳارو پير سيد ڪاظم علي شاهه مٿان مڪمل اعتماد ڪيان ٿو ان موقعي تي موجود فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي اڳواڻ پير سيد ڪاظم علي شاهه ۽ سيد محرم علي شاهه ميڊيا کي ٻڌايو ته فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي وڏي سياسي ۽ جمهوري پارٽي آهي جنهن ۾ ٻين سياسي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل ٿي رهيا آهن 11 مئي تي پ پ جي ڪرپٽ ۽ ناهل اميدوارن جي احتساب جو ڏينهن آهي سنڌ جا ماڻهو ان ڏينهن پ پ خلاف ووٽ ڏئي سندن کي سنڌ کپائڻ ۽ سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ جي ضرور سزا ڏيندا. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد عباس علي شاهه لڪياري ، عبدالقادر ميمڻ، ممتاز هرياهه موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button