مختصر خبرون

هنڱورجا: هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي

هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي قومي شاهراهه تي هٿياربندن جي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦر لٽ ، بدامني تي ڪنٽرول نه ڪرڻ تي هنڱورجا جي ايس ايڇ او جي بدلي ٻن مهينن ۾ هنڱورجا ٿاڻي تي 10 ايس ايڇ اوز بدلي ٿي چڪا ، ڏوهاري ڪاروائي اڃا تائين جاري آهن
تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي ڪاٽن فيڪٽري جي سامهون نامعلوم هٿياربندن ايندڙ ويندڙ ٽرڪن ، ٽريلرن کي روڪي هٿيارن جي زور تي ڊرائيورن کان موبائل فون ۽ هزارين روپيه روڪ رقم ڦر ڪري سندن مٿان تشدد ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا هوڏانهن وڌندڙ بدامني جو ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺندي چار ڏينهن اڳ هنڱورجا ٿاڻي تي مقرر ٿيل ايس ايڇ او غلام مجتبا عالماڻي کي بدلي ڪري سندس جي جاءِ تي علي اڪبر پنهور کي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪري ڇڏيو آهي واضع رهي ته ٻن مهينن جي دوران هنڱورجا ٿاڻي تي 10 کان وڌيڪ ايس ايڇ اوز جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون پر هنڱورجا ۾ امن امان جي صورتحال جيئين جو تيئين بدامني عروج تي پهتل آهي ۽ ڪا به رات ڏوهه کان خالي نٿي گذري . علائقي واسين بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ جو اعلي اختارين کان مطالبو ڪيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button