مختصر خبرون

هنڱورجا: قومي شاهراهه ۽ لنڪ روڊ تان ڦر لٽ

هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه ۽ لنڪ روڊ تان ڦر لٽ ، پي پي اڳواڻ جو ڀاءُ ۽ ٽيليفون آپريٽر سميت ٻيا ڦرجي ويا بدامني خلاف ڀٽا برادري جي ماڻهن جو قومي شاهراهه تي ٻه ڪلاڪ ڌرڻو ڦر واقعن جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو
تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي راڻو خان پوليس پڪٽ سامهون 7 هٿياربندن ڪراچي کان واپس ٺل ويندڙ اڳوڻي صوبائي وزير سهراب خان سرڪي جي ڀاءُ عامر خان سرڪي جي ڪار کي روڪي سندس ۽ ساٿين کان موبائل فون هزارين روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو قميتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا ساڳئي رات نا معلوم 6 هٿياربندن نولکي پوليس چيڪ پوسٽ سامهون هنڱورجا کان شادي جو سامان وٺي واپس ويندڙ ٻن ڀائرن ٽيليفون آپريٽر حليم الله ڀٽو ، عزيز الله ڀٽو کان ٻه موٽر سائڪلون چاليهه هزار روڪ ، پنج موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن ٻنهي ڀائرن کي هٿيارن جي قنداق هڻي اد مئو ڪري ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع تي ڀٽا برادري جا سوين ڳوٺاڻا نثار احمد ڀٽو، حليم الله ، ممتاز ، عزيز الله جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي پريس ڪلب سامهون پهچي ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ٻن ڪلاڪن تائين روڊ بند هجڻ ڪري ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون . مظاهرين پوليس ۽ وڌندڙ بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. مظاهرين الزام لڳايو ته بدامني عروج تي آهي ۽ پوليس جي سامهون ڏوهاري ڦر لٽ ڪن ٿا جيڪا وڏي ناانصافي آهي. بعد ۾ ايس ايڇ او هنڱورجا عباس باجوا مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڏوهارين خلاف ڪاروائي جي يقين دهاني ڪرائي احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو. جڏهن ته ڦر لٽ واقعن جو اڃا تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button