ھنڱورجا

هنڱورجا: عباس ٽائون سانحي ۾جسقم اڳواڻ ۽ ٺيڪيدار شهيد

شھيدعبيدالله سومري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
شھيدعبيدالله سومري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
ھنڱورجا: ڪراچي عباس ٽائون سانحي ۾ هنڱورجا سان تعلق رکندڙ جسقم اڳواڻ ۽ ٺيڪيدار شهادت خلاف شهر ۾ شٽربند هڙتال ، جسقم اڳواڻ جو مڙهه هنڱورجا جي آبائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ۽ ٺيڪيدار جو مڙهه ڪراچي ۾ سپرد خاک ، جسقم ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو خيرپور ضلعي ۾ جسقم پاران 7 ڏينهن سوڳ جو اعلان
تفصيل موجب ڪراچي جي عباس ٽائون ۾ ٿيل بم ڌماڪن ۾ شهيد ٿي ويل ٻن هنڱورجا واسين مان هڪ جسقم اڳواڻ عبيدالله سومرو جو مڙهه هنڱورجا پهچڻ تي سوڳ ۾ شهر جو ڪاروبار بند ٿي ويو جنهن کي سومرا محلا جي آبائي قبرستان ۾ سوين ماڻهن جي موجودگي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو سندس جنازي نماز ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ فقير امداد منگي، شريف ڦل ، رحيم سهتو، ڪرم سامٽيو، لالڻ ويسر، مجيب ڀيلار، فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد عباس علي شاهه سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ، شهرين ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جڏهن ته ٻئي شهيد ٿيل ٺيڪيدار غلام محمد سومرو جو مڙهه هنڱورجا بدران ڪراچي ۾ ئي سپرد خاک ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن جسقم اڳواڻ عبيد الله سومرو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم جي ڪارڪنن فقير امداد منگي، يوسف ميمڻ ، عبدالمنعان ميمڻ جي اڳواڻي ۾ شهيد عبدالمالڪ چوڪ وٽ مظاهر ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي جسقم اڳواڻن شهيد عبيدالله سومرو جو خيرپور ۾ 7 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هن کان اڳ شهيد عبيد جو مڙهه جڏهن سندس گهر سومرا محلا پهتو ته گهر ۾ ڪهرم مچي ويو ۽ سندس گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button