ھنڱورجا

هنڱورجا: صحافي جي گهر تي پوليس جي چڙھائي خلاف ڌرڻو

هنڱورجا: صحافي جي گهر تي پوليس جي چڙھائي خلاف ڌرڻو
هنڱورجا: صحافي جي گهر تي پوليس جي چڙھائي خلاف ڌرڻو
هنڱورجا، سنڌ صحافي سنگت جي سڏ تي رسول آباد جي صحافي اڪبر راڄپر جي گهر تي بناجواز پوليس چڙهائي واري عمل خلاف رسول آباد ۽ هنڱورجا جي صحافين غلام حسين چانگ، غلام عباس راڄپر، عبدالسميع ڀنڀرو، شمن راڄپر، فياض سولنگي، هادي بخش ، منصور شر، جاويد جانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو صحافين الزام لڳايو ته راڻيپور پوليس سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس صحافي جي گهر ۾ گهري ڀنڃ ڊاهه ڪري ڦر لٽ ڪئي آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي ملوث پوليس اهلڪارن جي خلاف ڪاورائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
هنڱورجا ۾ پي پي اڳواڻ عاشق راڄپر جي گهر ۾ پوليس چڙهائي ڪري ڀنڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ ڦر لٽ ڪرڻ واري عمل جي خلاف پي پي ، جسقم ۽ 10 کان وڌيڪ مختلف برادرين جي سوين ماڻهن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون، پنج ڪلاڪ روڊ بند ، گاڏين جون قطارون لڳي ويون ، مسافر سخت پريشان ، ايس پي هيڊ ڪوارٽر ڌرڻي واري هنڌ پهچي ايس ايڇ او هنڱورجا کي هٽائڻ ، ڦريل سامان واپس ڪرائڻ ۽ معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪاروائي جو يقين ڏيارڻ تي ڌرڻو ختم ، ڪيل ڳالهين تي عمل نه ٿيو ته ٻيهر ڌرڻو هڻڻ جو اعلان.
تفصيل موجب هنڱورجا لڳ ڳوٺ اقبال حاجي تي مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران پي پي اڳواڻ عاشق راڄپر جي گهر تي چڙهائي ڪري گهر ڀاتين مٿان وحشياڻو تشدد ڪرڻ ۽ گهر مان ڦر لٽ ڪرڻ واري واقعي جي خلاف پي پي ، جسقم ۽ مختلف ڏهه کان وڌيڪ برادرين جي ماڻهن عاشق راڄپر ، رزاق راڄپر، مجيب ڀيلار، عارف ڀيلار، رضا سولنگي، نور حسن چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون مڇريل مظاهرين پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪري نٽهڻ اس تي هيٺ ويهي رهيا جنهن ڪري قومي شاهراهه جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين قطارون لڳي ويون جڏهن ته پنج ڪلاڪ تائين مسلسل روڊ بند هجڻ ڪري ڌرڻي ۾ ڦاٿل گاڏين ۾ سوار مسافر سخت پريشان رهيا احتجاجي مظاهري کي اڳواڻن خطاب ڪندي الزام لڳايو ته ويهه کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس بنا ڪنهن سبب جي پي پي اڳواڻ عاشق راڄپر جي گهر تي چڙهائي ڪري 8 ڪلاڪ تائين گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي جيڪا ڦرلٽ ڪئي آهي جيڪا برداشت جوڳي ناهي جيستائين ملوث عملدارن جي خلاف تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو پنج ڪلاڪ کان پوءِ ايس پي هيڊ ڪوارٽر اڪبر وڳڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهيون ڪري ايس ايڇ او هنڱورجا کي هٽائڻ ، ملوث عملدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۽ ڦريل سامان واپس ڪرڻ جو يقين ڏياري احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڪبر وڳڻ چيو ته ايس ايس پي خيرپور منهنجي اڳواڻي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي آهي جيڪا سموري معاملي جي جاچ ڪري ملوث عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ سامان پڻ واپس ڪرايو ويندو. هوڏانهن پي پي اڳواڻ عاشق راڄپر پريس ڪانفرس ڪندي چيو آهي ته ٿيل ذيادتي جو ازالو ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته ٻيهر قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button