مختصر خبرون

هنڱورجا: شھري لٽجڻ لڳا، پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ تي ناڪام

هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني جو راڪاس پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ تي ناڪام، هڪ ئي رات ۾ ڦر جون ٻه وارداتون ڦورو صحت کاتي جي آفيسرن کي به ڦري ويا ڪيس داخل نه ٿيو تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ توڙي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي گذريل رات چار نامعلوم هٿياربند قومي شاهراهه تي هنڱورجا جي ملهيراڻي پوليس پڪٽ سامهون ڪار کي روڪي ان ۾ سوار صوڀوديرو اسپتال جي سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر بشير احمد ميمڻ ، ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ کان هزارين روپيه روڪ رقم ، موبائل فون ۽ ٻيا قيمتي ڪاغذات ڦر لٽ ڪري فرار ٿي ويا ساڳئي رات نامعلوم 3 موٽر سائيڪل ڦورو سيد زنوار حسين شاهه لنڪ روڊ تي ٻن شهرين محمد اعظم ڪوري ۽ اعظم آرائين کان بجلي واري استري ، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته هنڱورجا سڳيون لنڪ روڊ تي نامعلوم هٿياربند هڪ ويگن کي روڪي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس پهچڻ تي ڦورو فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏهن ته ڦر واقعن جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button