مختصر خبرون

هنڱورجا: شاهه رڪن الدين عالم جو ساليانو عرس مبارڪ 18 مارچ کان ملتان ۾ شروع ٿيندو

هنڱورجا :حضرت شاهه رڪن الدين عالم جو ٽن ڏينهن وارو ساليانو عرس مبارڪ 18 مارچ کان ملتان شريف ۾ شروع ٿي رهيو آهي عرس مبارڪ جي تقريات جو افتتاح درگاه جو گادي نشين ، اڳوڻو وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف پاڪستان جو وائس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڪندو . جڏهن ته عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن مان قافلا ملتان شريف لاءِ روانا ٿي ويا آهن. هن ڏس ۾ انيس احمد نوحاڻي ٻڌايو ته عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن واري تقريبن جي آخري ڏينهن تي درگاهه جو سجاده نشين مخدوم شاهه محمود قريشي جن خصوصي دعا وارو ڪتاب پيش ڪندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button