هنڱورجا: سنڌ آبادگار اتحاد پاران فتح جو ڏينهن ملھايو ويو

Hingorja Farmers are happy after victory (640x350)هنڱورجا: سنڌ آبادگار اتحاد پاران فتح جي ڏينهن حوالي سان سخي ناصر شاهه گيٽ کان پريس ڪلب پهچي تقريب ڪوٺائي خوشي جو اظهار ڪيو ويو
تفصيل موجب سنڌ آبادگار اتحاد تعلقي صوڀوديرو پاران هڪ مهيني تائين اسڪارپ جا ٽيوب ويل خراب هجڻ ۽ شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف هلندڙ احتجاجي تحريڪ کان پوءِ ڪامورن پاران سندن وٽ گوڏا کوڙي لکت ۾ مطالبا تسليم ڪري ان تي عمل ٿيڻ جي خوشي ۾ اعلانيل فتح جي ڏينهن جي ملهائڻ جي سلسلي ۾ هنڱورجا ۾ سخي ناصر شاهه گيٽ کان آبادگار اتحاد جي ڪانڊيرو خان ، لونگ خان ، نظر لاڙ، شمن عباسي جي اڳواڻي ۾ خوشي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا پريس ڪلب پهچي پروقار تقريب ۾ تبديل ٿي وئي تقريب ۾ آبادگار ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي تقريب کي سنڌ يونائيٽيڊ سکر ڊويزن جي راجا خان ڀيلار ، آبادگار ڪانڊيرو خان سهتو، نظر لاڙڪ، خدا بخش سهتو، شمن عباسي، رضا کوکر، ممتاز سهتو، حاجي چانگ ، لونگ خان ، صحافين غلام حسين چانگ، عبدالسميع ڀنڀرو، رحيم سولنگي، محمد صديق سولنگي، فياض سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مسلسل هڪ مهيني جي جدوجهد سبب آبادگارن جي جائز مطالبا ڪامورن تسليم ڪيا آهن جيڪا وڏي فتح آهي ۽ تعلقي صوڀوديرو جي زراعت کي بچائڻ لاءِ آبادگار اتحاد جي پليٽ فارم تي جدوجهد جاري رهندي هن جدوجهد ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار رهيو. بعد آبادگارن پاران پريس ڪلب جي پوري ٽيم کي اجرڪن ۽ گلن جا تعفا پيش ڪيا.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close