تعليم ۽ نئين ٽھيھنڱورجا

هنڱورجا: رسول آباد ۾ گرلس هاءِ اسڪول جي عمارت ڊهڻ لڳي

 رسول آباد ۾ گرلس هاءِ اسڪول جي عمارت ڊهڻ لڳي
رسول آباد ۾ گرلس هاءِ اسڪول جي عمارت ڊهڻ لڳي
رسول آباد ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رقم جي لاڳت سان تيار گرلس هاءِ اسڪول جي عمارت ڊهڻ لڳي ٺيڪيدار ناقص مٽيريل استعمال ڪري بل پاس ڪرائي ڇڏيا اسڪول جي ڪنهن به ڪمري ۾ سائين بورڊ ، بجلي جا پکا به نه لڳايا، ٽائلس ٿرڊ ڪلاس هجڻ ڪري اکڙڻ لڳي شهرين پاران اسڪولي عمارت جو صحيح نموني ڪم ڪرائڻ جو مطالبو
تفصيل موجب رسول آباد ۾ هڪ ڪروڙ جي رقم سان تيار ڪيل گرلس هاءِ اسڪول جي عمارت ۾ ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل جي استعمال ڪرڻ سبب عمارت ڊهڻ لڳي آهي ٺيڪيدار بااثر هجڻ ڪري اسڪول جو ڪم پڻ اڌ ۾ ڇڏي بل پاس ڪرائي ويو آهي جڏهن ته اسڪول جو چوديواري ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ ٻاهريون وڏي گيٽ به نه لڳايو ويو آهي ان کان سواءِ اسڪول جي چئني ڪلاس رومن ۾ سائين بورڊ ۽ بجلي جا پکا به نه لڳايا ويا آهن جڏهن ته اسڪول جي ٽائلس ٿرڊ ڪلاس لڳايل هجڻ ڪري اها اکڙي رهي آهي جڏهن ته پاڻي جي ٽانڪي توڙي شاگردياڻين جي سهولت لاءِ پاڻي جو پڻ بندوبست ناهي ڪيو ويو اسڪول جي عمارت جو ڪم اڌ ۾ رهيل هجڻ ۽ ناقص هجڻ بابت اسڪول جي هيڊمس نائلا سهتو ٻڌايو ته نياڻين جي اسڪول جي عمارت جو ڪم انتهائي ناقص ڪيو ويو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي هوڏانهن عمارت ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف شهرين عبدالقادر ميمڻ، شمن سهتو ، عاشق حسين ٿيٻو ٻين احتجاج ڪندي وزيراعلي سنڌ، گورنر سنڌ ۽ ٻين اعلي اختارين کان مطالبو ڪيو ته گرلس هاءِ اسڪول رسول آباد جي نئين تعمير ٿيل عمارت ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال جو نوٽيس وٺي ٺيڪيدار خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button