مختصر خبرون

هنڱورجا: دانشور ليکڪ، جج صحافي مرحوم تاج محمد ابڙو جي ورسي ملھائي ويئي

سگا شاخ هنڱورجا پاران سنڌ جي نالي واري اديب ، دانشور ليکڪ، جج صحافي مرحوم تاج محمد ابڙو جي 27 هين ورسي پريس ڪلب ملهائي وئي جنهن ۾ شاعرن ، اديبن ، صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي تقريب کي عبدالسميع ڀنڀرو، غلام حسين چانگ، عبدالرحيم سولنگي، نظير ڀنڀرو، شبير تنيو ، غلام عباس راڄپر، جاويد جانوري، شمن راڄپر ، محمد صديق سولنگي ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مرحوم تاج محمد ابڙو جي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪيل خدمت کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي هن هميشه غريب ۽ مظلوم ماڻهن جو ساٿ ڏنو هنن چيو ته مرحوم تاج محمد ابڙو هميشه حق ۽ سچ جي پاسي رهيو تقريب کي آفتاب ڀنڀرو ، هادي بخش خاصخيلي ، ظفر صديقي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button