مختصر خبرون

هنڱورجا :حڪومت جي ختم ٿيڻ تي يوم نجات ريلي

هنڱورجا: فنڪشنل مسلم ليگ پاران هنڱورجا ۾ لڪياري هائوس کان پريس ڪلب تائين يوم نجات ريلي ڪڍي وئي تفصيل موجب فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاهه لڪياري ، سيد عباس علي شاهه ، عزيز احمد سهتو، عبدالعزيز ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڪياري هائوس کان فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن حڪومت جي ختم ٿيڻ تي يوم نجات ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب تي پهتي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پنج سالن تائين ملڪي خزاني جي ڀينگ ڪندڙ حڪمرانن کان عوام کي نجات ملي آهي . حڪومتي وزيرن مشيرن ويندي ويندي به پنهنجا نوازيو واري پاليسي تي عمل ڪندي پنهنجن ماڻهن کي نوازيو آهي ۽ هنن حڪومت جي پڇاڻي ۾ ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ جيڪي سنڌ جي ملڪيت آهن جيڪي ڀڳڙن جي مٺ تي کپايا ويا آهن هنن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام سوچي سمجهي ووٽ ڏئي سنڌ دوست ماڻهن کي ڪامياب ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button