مختصر خبرون

هنڱورجا: جسقم پاران ڪارڪن تي تشدد خلاف 20 مارچ صوڀوديرو شهر ۾ شٽربند هڙتال

هنڱورجا: جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري علي عثمان ميمڻ ، نظير احمد لنڊ، ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار هنڱورجا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جسقم صوڀوديرو جي صدر حاڪم منگي تي پوليس تشدد خلاف 20 مارچ تي صوڀوديرو شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي اڳواڻن الزام لڳايو ته صوڀوديرو ٿاڻي تي مقرر اي ايس آءِ منصور حطار بنا سبب جي جسقم جي صدر حاڪم منگي مٿان وحشياڻو تشدد ڪري وڏي ناانصافي ڪئي آهي اهڙي ڏاڍائي جي خلاف جسقم ضلعي خيرپور جا ڪارڪن صوڀوديرو ۾ گڏ ٿي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻندا، اڳواڻن صوڀوديرو جي شهرين ، دڪاندارن ۽ واپارين کي 20 مارچ تي پنهنجو ڪاروبار ۽ دڪان بند رکڻ جي اپيل ڪئي آهي اڳواڻن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي سکر، ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته جسقم اڳواڻ مٿان تشدد ڪندڙ ذميوار پوليس اهلڪار منصور حطار کي معطل ڪري جسقم ڪارڪنن ۾ ڦهليل بيچيني دور ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button