مختصر خبرون

هنڱورجا : بدامني ۽ ڦرلٽ خلاف احتجاجي مظاھرو

هنڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڦر لٽ جي واقعن جي خلاف شهرين حليم الله ڀٽو مير مرتظي جلباڻي، عزيز الله ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين الزام لڳايو ته هنڱورجا ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي لنڪ روڊ رات جي وقت ڦورن جي حوالي آهن عزيز الله ڀٽو ۽ حليم الله کان ڦر ٿيل ٻه موٽر سائڪلون ۽ موبائل فون ڦر ڪري سندن مٿان وحشياڻو تشدد ڪندڙ جوابدارن کي پوليس اڃا تائين گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي پوليس رڳو جوابدارن جي گرفتاري جا ڪوڙا دلاسا ڏئي رهي آهي هنن چتاءُ ڏنو ته جوابدار گرفتار نه ٿيا ته قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button