اليڪشن 2013مختصر خبرون

هنڱورجا: اڳوڻي ايم اين اي کي پنج سال بعد پارٽي ورڪر ياد اچي ويا

پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي پير آف راڻيپور پير سيد فضل علي شاهه جيلاني کي پنج سال بعد پارٽي ورڪر ياد اچي ويا پير سيد فضل علي شاهه جيلاني ڪالهه يوسي رسول آباد جي ڳوٺ محمد بخش ڀٽو ۾ پهچي پ پ جي ڪينسر جهڙي موضي مرض ۾ ورتل پ پ جي جيالي انور ڀٽو جي عيادت ڪري کيس کي علاج واسطي پنجاهه هزار روڪ ۽ هڪ نوڪري ڏيڻ جو واعدو ڪيو جڏهن ته پير سيد فضل علي شاهه جيلاني ڳوٺ دائم حاجي ۾ پهچي پ پ اڳواڻ حاجي دائم راڄپر جي ڀاءُ ۽ صحافي غلام عباس راڄپر جي چاچي ٺارو خان جي وفات تي تعذيت جو اظهار ڪيو پير فضل علي شاهه جيلاني چيو ته تڪ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ چونڊون کٽي ٻيهر خدمت ڪئي ويندي اسان جي خلاف ڪوڙي واويلا ڪندڙن کي جلد خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button