مختصر خبرون

هنڱورجا: ايس ايڇ او جي گاڏي روڪي ڦرڻ جي ڪوشش

هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي ڪورائي ٿاڻي جو ايس ايڇ او جي گاڏي روڪي ڦرڻ جي ڪوشش هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ايس ايڇ او ۽ گارڊ زخمي هٿياربند فرار، پوليس کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻائي ڀر واري ڳوٺ ۾ هڻي ٻن ڄڻ کي گرفتار ڪري ورتو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو
تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي ملهيراڻي پوليس پڪٽ جي سامهون 8 نامعلوم هٿياربندن خيرپور کان نوشهروفيروز ويندڙ ڪورائي ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام عباس شر جي ڪار کي روڪي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوران هٿياربندن ايس ايڇ او ۽ گارڊ مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني ان دوران گشتي پوليس پڻ پهتي پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ ڪري نوشهروفيروز ضلعي جي ڪورائي ٿاڻي جو ايس ايڇ غلام عباس شر ۽ سندس پرائيويٽ گارڊ اشفاق ناريجو پڻ زخمي ٿي پيا ۽ هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. زخمين کي خيرپور سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي خيرپور سيد اصغر علي شاهه فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي ڄاڻ حاصل ڪئي جڏهن ته پوليس ناڪابندي ڪرائي ڏوهارين جا کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻائي هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ لعل بخش سولنگي جي ڳوٺاڻي الهوسايو سولنگي جي گهر ۾ هنيا پوليس ان جي ٻن پٽن عرفان ۽ جبار کي گرفتار ڪري سندن کان پڇاڳاڇا ڪري رهي آهي. جڏهن ته واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آهي. هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور سيد اصغر علي شاهه هنڱورجا ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته قومي شاهراهه تي پوليس جي گشت کي وڌايو ويو آهي ڊيوٽي ۾ گفلت ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي هنڱورجا ۾ ڦر ڪوشش واري واقعي جي جوابدار تائين پهچي ويا آهيون ۽ انهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته خيرپور ضلعي ۾ ڏوهارين جي خلاف ڪلين آپريشن شروع ڪيو ويو آهي گذريل ڏهن ڏينهن جي اندر ضلعي ۾ 210 بدنام ڏوهارين جيڪي مختلف ڏوهن ۾ پوليس کي گهربل هيا انهن کي گرفتار ڪيو آهي. ڏوهارين خلاف ڪابه رعايت نه ٿيندي ۽ انهن کي هرصورت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button