زراعتسائنس، صحت ۽ زراعت

هنڱورجا: اتر سنڌ جي انبن جي باغات ۾ خطرناڪ بيماري منهن ڪڍيو

اتر سنڌ جي انبن جي باغات ۾ خطرناڪ بيماري منهن ڪڍيو
اتر سنڌ جي انبن جي باغات ۾ خطرناڪ بيماري منهن ڪڍيو
اتر سنڌ جي انبن جي باغات ۾ خطرناڪ بيماري منهن ڪڍيو ڪيترن ئي هنڌن تي انب جا وڻ سڪڻ لڳا ۽ جهليل ٻور ڇڻڻ لڳو زرعي دوائون نقلي هجڻ ڪري بي اثر بڻيل آبادگارن ۽ ٺيڪيدارن کي لکين روپين جي نقصان جو انديشو، زراعت کاتي اڃا تائين اک نه پٽي
تفصيلي رپورٽ موجب اتر سنڌ جي ضلعي خيرپور، وشهروفيروز، سکر، شڪارپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، قمبر شهداد ڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ هزارين ايڪڙن تي پوکيل ميون جي بادشاهه انب جي باغات ۾ اوچتو خطرناڪ بيماري منهن ڪڍيو آهي جنهن ڪري انب جي وڻن پهريون وڻ جا پن سڪن ٿا ۽ پوءِ وڻ جا ڏار به سڪڻ لڳا آهن ان کان سواءِ انب جا وڻ جيڪي ٻوڪجي ويا آهن ان جو ٻور تي مهلي جو حملو ٿيو آهي جنهن سان اهو ٻور ڪاراٽجي وڃڻ کان پوءِ ڇڻي وڃي ٿو آبادگارن جو چوڻ آهي ته انب جي وڻ تي مهلي کان سواءِ ڪينسر جي بيماري سبب انبن کي وڏو ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي جنهن سان نه رڳو انبن جي ٺيڪيدارن ، واپارين کي نقصان هوندو پر آبادگارن کي به لکين روپين جي نقصان جو خدشو آهي جنهن ڪري ڪيترائي ٺيڪيدار زميندارن کي ڏنل سودي جا بيانا ڦٽو ڪري هليا ويا آهن هنن سلسلي ۾ آبادگارن ۽ زميندارن بنگل خان چانگ، لونگ خان حطار، غلام عباس سولنگي ۽ ٻين سنڌ ايڪسپريس کي ٻڌايو ته هن ڀيري انبن کي لڳل بيماري سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان آبادگار جو ٿي رهيو آهي بيماري کان بچاءَ لاءِ ڪيترائي ڀيرا زرعي دوائون استعمال ڪيون آهن پر اهي نقلي هجڻ ڪري فائدو ڏيڻ بدران وڌيڪ نقصان ڏين ٿيون. جڏهن ته هن پاسي زراعت کاتي جا ڪامورا به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button