مختصر خبرون

هنڱورجا:ڪراچي واسي مغوي ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ۾ بازياب

هنڱورجا: ڪراچي جي ڪاٺوڙ مان اغوا ٿي ويل مغوي کي ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعوا ايس ايس پي خيرپور سيد اصغر علي شاهه ٻڌايو ته ڪراچي جي ڪاٺوڙ گڏاپ مان ٻه مهينا اڳ اغوا ٿي ويل محمد جوکيو کي هٿياربند ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ۾ هڪ کان ٻي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس اطلاع تي پهچي مغوي محمد جوکيو کي بازياب ڪرائي ورتو جڏهن هٿياربند اونڌھ جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. بازياب ٿيل مغوي محمد جوکيو ٻڌايو ته هٿياربندن مونکي گڏاپ مان اغوا ڪري اکين تي پٽي ٻڌي کڻي آيا هئا ۽ مون مٿان هٿياربند سخت تشدد پڻ ڪندا هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button