اليڪشن 2013ھنڱورجا

هنڱورجا:پي پي جون اڄ به پاڙون عوام ۾ کتل آهن،نعيم کرل

نعيم کرل
نعيم کرل
هنڱورجا: پي ايس 34 جي پي پي جي امڪاني اميدوار اڳوڻي ايم پي اي نعيم کرل چيو آهي ته پي پي جون اڄ به پاڙون عوام ۾ کتل آهن ايندڙ چونڊن ۾ مخالفن کي عبرت ناڪ شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ايندڙ چونڊن ۾ اهڙو ته طوفان ايندو جو نواز ليگ سميت ٻين ٽانگا پارٽين جا اميدوار لڙهي غرق ٿي ويندا هنڱورجا ۾ پارٽي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي چيو ته پي پي ڪڏهن به سنڌ جي حقن تي سوديبازي ناهي ڪئي عوام ڄاڻي ٿو ۽ ڪالاباغ ڊيم جي حامي اميدوارن کي ڪڏهن به ووٽ نه ڪندو. پارٽي کي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏني آهي ۽ ٽڪيٽ ملي ته ٻيهر چونڊ کٽي عوام جي ڀرپور خدمت ڪندس.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button