مختصر خبرون

هنڱورجا:شهيد جسقم عبيد الله سومرو جو ٽيجهو اربع تي ٿيندو

هنڱورجا:ڪراچي عباس ٽائون سانحي ۾ شهيد جسقم اڳواڻ عبيد الله سومرو جو ٽيجهو سڀاڻي هنڱورجا جي سومرا محلا ۾ ٿيندو جڏهن ته وارثن سان تعزيت جي سلسلو پڻ جاري آهي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ مقصود قريشي ، اڪبر مڪول ، رحيم سهتو ، ڪرم سامٽيو، ايس يو پي جي راجا ڀيلار ، کان سواءِ مختلف سياسي سماجي ۽ صحافين جي وڏي انگ تڏي تي پهچي وارثن سان عزرخواهي ڪئي هوڏانهن جسقم ضلعي خيرپور پاران سڀاڻي جسقم جي شهيد عبيد الله سومرو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ رهبر چوڪ کان ريلي ڪڍي قومي شاهراهه باءِ پاس وٽ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي . جسقم اڳواڻن ٻڌايو ته قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button