ھنڱورجا

هنڱورجا:شاخن ۽ واهن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جي ريلي

Former protesting against shortage of water (640x332)هنڱورجا:سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي تعلقي صوڀوديرو جي 17 شاخن ۽ واهن جي 3 سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ۽ پاڻي جي چوري خلاف آبادگارن ۽ هارين مختلف ڳوٺن مان ريلين جي صورت ۾ سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ پهچي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هڻي اريگيشن ڪامورن خلاف سخت ناريبازي ڪئي وئي بعد ۾ مظاهرين سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ 31 ڏينهن کان قائم بک هرتالي ڪئمپ تي پهچي ڪامريڊ ڪانڊيرو خان سهتو، نظر لاڙڪ، لونگ خان حطار، ممتاز سهتو، منظور منڱڻيجو، خدا بخش سهتو جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي . آبادگارن جي ڪئمپ تي ايس يو پي اڳواڻ راجا ڀيلار، جسقم جي ڪرم سامٽيو، يوسف ميمڻ، منعان ميمڻ ، زاهد شاهه آبادگار بورڊ جي عبدالعزيز ڀنڀرو ۽ مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن جي وڏي انگ پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. آبادگارن الزام لڳايو ته صوڀوديرو تعلقي جي 17 شاخن ۽ واهن فيض نهر، محراب ، گرڪڻو، هنڱورجا مائينر، سيٺارجا، صوڀو، امام شاخ، مڏ ، ميرڪ، ميهڻي ديرو، سماج مائينر، غلام علي مائينر ، درازا مائينر ، کرل مائينر سميت ٻين شاخن جي ٽن سالن کان کاٽي ناهي ڪرائي وئي جنهن ڪري مزڪورا شاخن جي پڇڙين ۾ پاڻي جي پهچ نٿي ٿئي. جڏهن ته آبپاشي ڪامورا رڪارڊ ۾ شاخن جون کاٽيون ڏيکاري ڪوڙن ووچرن جي زريعي لکين روپيه هڙپ ڪيا آهن . هنن چيو ته آبپاشي ڪامورا رشوت ايوز پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن. هنن چتاءُ ڏنو ته مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button