مختصر خبرون

هنڱورجا:رسول آباد يوسي جي صفائي واري عملي کي چار مهينن کان پگھارون نه مليون

رسول آباد يوسي جي صفائي وارن ملازمن جو چار مهينن کان پگارون نه ملڻ جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال شروع ڪري ڏني، تفصيل موجب رسول آباد ۾ صفائي واري عملي کي گذريل چار مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن بشير احمد شيخ، روشن علي شيخ ۽ مسمات راڻي جي اڳواڻي ۾ رسول آباد هنڱورجا لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو بعد ۾ مظاهرن مين چوڪ تي بک هڙتالي ڪئمپ هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي ان موقعي تي ملازمن الزام لڳايو ته چار مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن پر ڪامورا اسان جي هڪ به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. هنن چيو ته جيڪڏهن پگهارون نه مليون ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button