زراعتھنڱورجا

هنڱورجا:اتر سنڌ ۾ مانجهادڻي جي فصل جي پوکائي جو رجهان گهٽجي ويو

هنڱورجا:اتر سنڌ ۾ مانجهادڻي جي فصل جي پوکائي جو رجهان گهٽجي ويو
هنڱورجا:اتر سنڌ ۾ مانجهادڻي جي فصل جي پوکائي جو رجهان گهٽجي ويو
اتر سنڌ ۾ مانجهادڻي جي فصل جي پوکائي جو رجهان گهٽجي ويو هزارين ايڪڙن تي پوکجندڙ فصل ھاڻي مشڪل سان سون ايکڙن تي پوکيل ، مانجهادڻي جڳهن جي ڇتين ، مال جي واڙن ۽ ٻين مختلف جڳهن تي استعمال ٿيڻ جو رجهان گهٽجڻ جي ڪري فصل پوکيندڙن کي ڪاپاري ڌڪ ، مانجهادڻي جي هڪ لڪڙي جي قيمت چاليهه کان پنجاهه تائين مقرر ،
تفصيل موجب اتر سنڌ جي ضلعي خيرپور ، نوشهروفيروز، سکر ،شڪارپور، گهوٽڪي سميت ٻين ضلعن ۾ مانجهادڻي جو هزارين ايڪڙن تي پوکجندڙ فصل جو رجهان هاڻي ڏينهنون ڏينهن گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي ڄاڻايل سڀني ضلعن ۾ هن وقت سوين ايکڙن تي مانجهادڻي جو فصل پوکيل آهي جڏهن ته مانجهادڻي جي فصل پوکيندڙ زميندار ۽ آبادگار فصل مان گهٽ اپت لهڻ ڪري ٻين فصلن کي پوکيڻ جي ترجيح ڏين ٿا. معلوم ٿيو آهي ته اتر سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ مانجهادڻي جي فصل جي پوکائي گهٽجڻ جو سبب سم جي واڌاري ۽ زراعت کاتي جي عملدارن پاران خاطر خوان قدم نه کڻڻ جي ڪري آبادگار هاڻي ٻيا فصل پوکن ٿا. مانجهادڻي جيڪا جڳهن ، جهوپڙين، ڇپرن،عارضي گهرن توڙي چوپائي مال جي وٿاڻن جي ڇتين ۾ لڪڙا استعمال ٿين ٿا ان کان سواءِ مانجهادڻي جي کل مان کٽن مان واڻ ٺهي ٿو ۽ جڳهن جي در، درين جي چٽسالي يا خوبصورتي لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي هن ڏس ۾ مانجهادڻي پوکيندڙ آباگار علي ڏنو سولنگي، غلام عباس راڄپر ۽ بنگل خان چانگ ٻڌايو ته مانجهادڻي جو فصل جي اپت اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ هجڻ جي ڪري فصل جي پوکائي به گهٽائي ڇڏي آهي ان کان سواءِ زراعت کاتي جا عملدار هن پاسي ڪوبه ڌيان نٿا ڏين جنهن ڪري مجبورن فصل کي گهٽ پوکيو وڃي ٿو ۽ سم جو آزار وڌي وڃڻ جي ڪري به مانجهادڻي جو فصل نٿو پوکيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button