مختصر خبرون

نگران وزيراعظم جي نالي تي ڪو به ڊيڊ لاڪ نه ٿيندو : قمر زمان ڪائره

Qamar Zaman Kaira (640x374) اسلام آباد: پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي نالي تي ڪو به ڊيڊ لاڪ نه ٿيندو، اڄ پاڪستان جي حڪومت پرويز مشرف جي ساٿين جي سهاري بيٺل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪيو، هن جو چوڻ هو ته مخالف ڌر پاران نگران وزيراعظم لاءِ ڏنل نالن تي اسان خدشن جو اظهار ڪيو آهي، مخالف ڌر پاران نگران وزيراعظم جي اميدوار رسول بخش پليجو جو پٽ اياز لطيف پليجو سنڌ ۾ اسان جي خلاف اتحاد بڻائي رهيو آهي، قمر زمان ڪائره چيو ته نگران وزيراعظم جا نالا سامهون اچڻ لاءِ اڃان گنجائش موجود آهي، جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) کي ناصر اسلم زاهد کي ئي وزيراعظم بڻائڻو آهي ته کيس باقاعده پارٽي ٽڪيٽ ڏئي ايم اين اي بڻائين ۽ جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) کٽي وڃي ٿي ته هو ناصر اسلم کي وزيراعظم بڻائين اسان کي ڪو به اعتراض نه هوندو
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button