مختصر خبرون

نيوپنڊ ۾ چورن پاران گهر تي چڙهائي، قيمتي سامان چوري

بيورو رپورٽ، سکر
سکر نيوپنڊ ۾ چورن پاران گهر تي چڙهائي، گهر ۾ موجود مرد ۽ عورتن کي يرغمال،علائقي واسين جو احتجاج خبر موجب گذريل رات 6نا معلوم چورن پاران نيوپنڊ جي علائقي امان الله چوڪ لڳ محمدي مسجد ويجهو غلام قادر جي گهر تي چڙهائي ۽ گهر ۾ موجود ماڻهن کي يرغمال بڻائي ڪري گهر ۾ موجود رقم 25000 هزار رپيا، 2تولا سونيون واليون، 4 سونيون چوڻيون ۽ ٻيو قيمتي سامان سميت هڪ عدد لائيسنس سميت پسٽل چوري ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي اطلاع ۽ ۽ ملوث جوابدارن جي نشاندي پوليس کي ڏني پر پوليس اڃان تائين ڪاروائي نه ڪئي آهي نه ئي واقعه جي رپورٽ داخل ڪئي آهي هنن اعليٰ اختيارين سميت ايس ايس پي سکر پير محمد شاهه ۽ ٻين آفيسرن کان مطالبو ڪيو آهي ته واقع ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ چوري ڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button