سکر

مينارٽيز عبادت گاهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، سيمينار کي خطاب

بيورو رپورٽ، سکر
Minorties workshop (640x246)سول سوسائيٽي سپورٽ پروگرام اين جي اوز پاران اقليتي برادري جي تحفظ جي عنوان سان سکر پريس ڪلب ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن وڪيل، صحافي، تعليمي ماهر، سول سوسائيٽي جي نمائندن کان علاوه سکر ڊويزن جي مختلف ضلعن گهوٽڪي، شڪارپور، خيرپور، سکر جي اقليتي برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي، سيمينار ۾ اقليتي برادري پاران سنڌ ڇڏي وڃڻ تي بحث ڪيو ويو، ۽ چيو ته اهي ڪهڙا عناصر آهن جنهن کان تنگ ٿي ڪري اقليتي برادري سنڌ ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿي وئي آهي، بعد ۾ مينارٽيز پاران پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز چارٽر آف مينارٽيز پيش ڪيو ويو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته مينارٽيز جي لاءِ ملازمتن جي اسپيشل ڪوٽه مقرر ڪئي وڃي، مينارٽيز جي شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن کي تحفظ فرهم ڪيو وڃي، ۽ جنسي زيادتين جي واقعن جي روڪٿام جي لاءِ مينارٽيز آئيني اصولن کي قانوني شڪل ڏني وڃي، مينارٽيز عبادت گاهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٽينسي ايڪٽ ۾ ترميم سميت ٻيا مطالبا پيش ڪيا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button