مورو

مورو: ڳوٺ جنگو خان لغاري ۾ سڱاوتي تڪرار تان مڙس ھٿان ناري مڙھ ھٿان قتل

جاويد ڪانڌڙو، مور

ناري جو والد ميڊيا سان ڳالھائيندي
ناري جو والد ميڊيا سان ڳالھائيندي
مورو ڀرسان ڳوٺ جنگو خان لغاري ۾ سڱاوتي تڪرار تان مڙس الھ بچايو لغاري پنهنجي ڀائرن جي مدد سان پنهنجي گهر واري 32 سالن جي لطيفان لغاري کي تشدد ڪري ڏنڊا هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا، خبر پوڻ تي ڳوٺ ۾ روڄ راڙو پئجي ويو وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا وقعي واري هنڌ پهچي اهڙو اطلاع حد ٿاڻي سڌوجا پوليس کي ڏنو اطلاع تي سڌوجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي مورو اسپتال آندو جتي ان جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش کي وارثن جي حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي سندس پيرسن پورهيت پيءُ ڪنڊو خان لغاري ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي مظلوم نياڻي کي ظالمن مڙس الھ بچايو پنهنجي ٻن ڀائرن مزار لغاري ۽ غلام رضا لغاري سان گڏجي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو هن چيو ته 10 سال اڳ اسان جي مٽي مائٽي ٿيل هئي اسان کان منهنجي نياڻي جو سنڱ ورتو ويو پر ان جو عيوض اسان کي نه ڏنو ويو ۽ ڏهن سالن جو عرصو گذري ويو جنهن کانپوءِ جوابدار الھ بچايو تنگ ٿي منهنجي نياڻي ٿي قتل ڪري ڇڏيو هو بااثر آهن ۽ مان هڪ پورهيت ۽ مسڪين آهيان مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ٻئي طرف سڌوجا پوليس هڪ جوابدار مزار لغاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button