مختصر خبرون

معاشري ۾ شعور پيدا ڪرڻ ضرورت آهي، بسوا جو دورا

خيرپور: ڊسٽرڪٽ آفيسر سوشل ويلفيئر خيرپور رياض فاطمه ۽ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر مسعود احمد شيخ ڀٽائي سوشل واچ اينڊ ايڊوڪيسي (بسوا) آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊي او سوشل ويلفيئر رياض فاطمه چيو ته معاشري ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومتي ادارن ۽ فلاحي ادارن کي موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.ان موقعي تي بسوا جي چيئرمين خادم حُسين ميراڻي ۽ بسوا جي ڪنسلٽنٽ غلام شبير سومرو ٻڌايو ته انهن جي تنظيم شهر ۾ معاشي، سماجي ۽ ثقافتي حقن جي آڱاهي ۽ پر امن معاشري جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ان سان گڏو گڏو صحت ، تعليم ، عورتن جي ترقي ۽ قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ متاثر ٿيل خاندانن جي پڻ مدد ڪئي وڃي ٿي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button