حيدر آباد

مخالفن پ پ پ جي طاقت کي تسليم ڪري ورتو، نثارکھڙو

نثار کھڙو ميڊيا سان ڳالھائيندي
نثار کھڙو ميڊيا سان ڳالھائيندي
حيدرآباد: اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار احمد کهڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ مختلف جماعتن جو اتحاد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مخالفن پ پ پ جي طاقت کي تسليم ڪري ورتو آهي هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قرباني کي ضايع نه ٿيڻ ڏنو ۽ ملڪ ۾ صدر آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ جمهوري حڪومت پنهنجي 5 سالن جي آئيني مدت پوري ڪري اقتدار منتقل ڪرڻ واري آهي اهڙو اظهار هن اڄ حيدرآباد سرڪٽ هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي نامزدگي بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته قائد حزب اختلاف جي نامزدگي لاءِ پهريان جيڪي نالا پيش ڪيا ويا انهن جي ميمبرن جو تعداد تمام گهٽ هو ۽ متحده قومي موومينٽ جي ميمبرن پاران وڏي انگ ۾ سيد سردار احمد جو نالو مخالف ڌر جي اڳواڻ لاءِ پيش ڪيو ويو جنهن بعد آئين موجب وڌيڪ ميمبرن جي حمايت تحت سيد سردار احمد کي اسيمبلي ۾ ته قائد حزب اختلاف بڻايو ويو آهي هڪ سوال تي هن چيو ته حالتون ڪيتريون خراب ڇو نه هجن پر اسان ڀڄڻ نه سکيو آهي ۽ اسان جي اڳواڻن پنهجن جانين جو نذرانو ڏيڻ کي ته ترجيح ڏني پر ملڪ مان فرار ٿيڻ کي ترجيح نه ڏني هن چيوته اسان نواز شريف کي پڻ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪيو هيو پر هن اسان جي ڳالهه نه مڃي هن چيو ته نواز شريف 2008 وارين چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو پر صدرآصف علي زرداري کيس ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ راضي ڪيوهو ڪراچي ۾ امن و امان جي صورتحال بابت سوال تي نثار کهڙو چيو ته دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت هرممڪن اپاءُ اختيار ڪري رهي آهي هن چيو ته مختلف علائقن ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي جنهن ۾ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار حصو وٺي رهيا آهن پر جيڪڏهن ضرورت پئي ته فوج جي مدد پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي مڪاني ادارن واري نظام 2012جي واپسي بابت سوال تي هن چيو ته 1979 وار مڪاني نظام ۾ به بهتري جي گنجائش آهي ڇاڪاڻ ته انهن ۾ عورتن جي نمائندگي نه هجڻ جي برابر آهي جيڪو ملڪ جي آبادي جو 52 سيڪڙو حصو آهن هن چيو ته جڏهن آئيني ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي ته پوءِ مڪاني ادارن واري نظام ۾ چو نه؟ هن چيو ته ڪنهن به به قانون ۾ بهتري جي تلاش ڪرڻ گهرجي هڪ سوال تي هن چيو پ پ پ ايندي ئي روزگار جا دروازا کولي ڇڏيا ۽ اڳوڻين حڪومتن پاران برطرف ڪيل ماڻهن کي انهن جي روزگار تي بحال ڪيو ويو جڏهن ته ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪيل ملازمن کي مستقل ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ان موقعي تي پ پ پ حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري فياض شاهه ، آفتاب خانزادو ۽ پ پ پ جا ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button