لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو پوليس ڳوٺاڻي کي ڊوڙائي ڊوڙائي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ايم يونس ڏيٿو ،لاڙڪاڻو
Larkanaلاڙڪاڻو پوليس ڳوٺاڻي کي ڊوڙائي ڊوڙائي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪندي مقابلي جي دعويٰ ڪئي ته ايس ايس پي واقعي جو نوٽيس وٺندي باڊهه ٿاڻي جي پوليس جي مقابلي جي ترديد ڪندي ايس ايس آءِ کي گرفتار ڪرائي ورتو،سندس مٿان ڪيس داخل،ڊپ کان باڊهه ٿاڻي جو ايس ايڇ او روزنامچو کڻي فرار ٿي ويو،واقعي جي انڪوائريءَ جو حڪم،جڏهن ته باڊهه ٿاڻي جي حد بوٿرو روڊ تي نوجوان اياز پٽ سعيد جلباڻي پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته رستي ۾ بيٺل پوليس اهلڪارن اي ايس آءِ حسين شاهاڻي سندس مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ٿڏي تي ئي مارجي ويو ته پوليس مقابلي جو ڪوڙو ڊرامو رچايو جنهن تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس مقابلي کي ڊرامو قرار ڏيندي اي ايس آءِ حسين شاهاڻي کي گرفتار ڪرائي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو،پوليس مقتول جو لاش باڊهه پوليس موبائيل ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي مارچري وارڊ مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو،لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو،جڏهن ته واقعي جو تفصيل ٻڌائيندي رهواسين جو چوڻ هو ته نوجوان بيگناهه آهي جنهن کي پوليس قتل ڪيو آهي،جنهن جي مذمت ڪريون ٿا،جڏهن ته ٻئي طرف ايس ايس پي لاڙڪاڻو جاويد سونهارو جسڪاڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته واقعو غلط پيش ٿيو آهي جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا،آءُ ايس پي هيڊ ڪوارٽر نديم قريشي کي حڪم ڪيو آهي ته باڊهه وڃي اهلڪار مٿان ڪيس داخل ڪرائي ۽ ٻيا جيڪي به ملوث آهن انهن خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button