مختصر خبرون

لاڙڪاڻو لڳ ماهوٽا شهر ۾ ٻارڙن جي ڳالهه تي جھيڙو

بيورو رپورٽ ،لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو لڳ ماهوٽا شهر ۾ ٻارڙن جي ڳالهه تان جوڻيجا ۽ شاهاڻي برادريءَ ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ چاقو لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل، زخمين جي فرياد تي ماهوٽا ٿاڻي تي ڪيس داخل. تفصيل موجب گذريل ڏينهن لاڙڪاڻو لڳ ماهوٽا ٿاڻي جي حد ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جوڻيجا ۽ شاهاڻي برادريءَ جي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لٺين جي وسڪاري ۽ چاقو لڳڻ جي نتيجي ۾ منٺار علي جوڻيجو، ظهور علي جوڻيجو رتورت ٿي ويا ۽ سخت زخمي ٿيڻ جي ڪري سندن زخمين کي لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال جي حادثات واري شعبي ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو آهي، جتي زخمين جو علاج جاري هيو. هوڏانهن زخمين جي فرياد تي ماهوٽا ٿاڻي تي جوابدار علي گل شاهاڻي، گاجي شاهاڻي سميت 8 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپن جو سلسلو جاري رکيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button