مختصر خبرون

لاهور واقعي خلاف سکر ۾ ريلي

بيورو رپورٽ ، سکر
لاهور واقعي خلاف سکر ۾ مسيحي برادري جي عورتن ۽ مردن پروفيسر نعيم صادق،پادري منيربشير،فادر يعقوب،اڪرم عنايت ۽ هندو پنچائت سکر جي مکي ايشور لعل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي سکر پريس ڪلب کان ڪڍي جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي سينٽ سيويئر چرچ وٽ ختم ٿي ان موقعي تي ريلي ۾ شامل ماڻهن سخت نعري بازي ڪئي اڳواڻن خطاب ڪندي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اهڙي قسم جو ڪاروايون ڪري ملڪ ۾ انتشار پهلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي حڪومت اصل جوابدارن کي بي نقاب ڪري سزا ڏئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button