اسلام آباد

لاھور واقعي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو، وزير اعظم

PAKISTAN-RELIGION-BLASPHEMYاسلام آباد: وزيراعظم راجا پرويز اشرف جوزف ڪالوني، بادامي باغ لاهور جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي مسيحي برادري کي خاطري ڪرائي آهي ته ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن جوزف ڪالوني سان تعلق رکندڙ مسيحي وفد سان ڳالهائيندي چئي، جنهن اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين سيد آصف هاشمي سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. قومي هم آهنگي جو انچارج وزير ڊاڪٽر پال ڀٽي ۽ قومي آهنگي جو مملڪتي وزير اڪرم مسيح گل پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته سڄي قوم کي ان واقعي تي صدمو ۽ افسوس ٿيو آهي جنهن ۾ غيرمسلم ڀائرن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو جيڪو ڪنهن مهذب معاشري کي زيب نه ٿو ڏي. وزيراعظم وفد کي خاطري ڪرائي ته اقليتي برادري جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ غفلت ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. وزيراعظم مسيحي برادري جي ميمبرن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ضبط ۽ تحمل ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو ۽ صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ دانشمنداڻو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت صورتحال جي تدارڪ لاءِ هر ممڪن قدم کڻدي تنهن هوندي به امن امان برقرار رکڻ ۽ ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button