ھنڱورجا

فشر فوڪ فورم جو قافلو ھنڱورجا پھتو، گلن جي ورکا

PFF Long March (640x187)هنڱورجا: پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران دريائن تي ڊيم اڏڻ خلاف ڄامشورو کان فورم جي سربراهه سيد محمد علي شاهه ، غلاب شاهه، احمد الله شاهه بخاري، سامي ميمڻ ، حاجن سولنگي، جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد لاءِ نڪتل ڪاروان هنڱورجا پهچڻ تي مختلف سياسي سماجي ادبي تنظيمن جي سوين ماڻهن غلام محمد سهتو، غلام حسين چانگ، عبدالرحيم سولنگي جي اڳواڻي ۾ سندن جي شاندار آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي استقباليه ميڙ کي فشر فوڪ جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياء کي قيد ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم سميت وڌيڪ پنجاهه ڊيم ايندڙ وقت ۾ اڏڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن جنهن جي سخت مزاهمت ڪئي ويندي دريا جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي ۽ ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي روزانو هزارين ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي جنهن سان نه رڳو زرعي معيشت تباهه ٿي رهي آهي پر مڇي جو نسل به ختم ٿي رهيو آهي ان کان علاوه تمر جي ٻيلا به تباهه ٿي رهيا آهن ڪالاباغ ڊيم اڏي سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي پر ان خلاف سخت مزاهمت ڪئي ويندي سيد محمد علي شاهه چيو ته 14 مارچ دريائن جي عالمي ڏهاڙي تي فشر فوڪ فورم جا هزارين ڪارڪن اسلام آباد پهچي پارليامينٽ هائوس آڏو تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ دنيا کي ٻڌايو ويندو ته ڪنهن به ريت سنڌو دريا تي ڊيم اڏڻ نه ڏنا ويندا ۽ سنڌ جي زراعت کي تباهه ٿيڻ نه ڏنو ويندو فشر فوڪ فورم جو ڪاروان منزل طرف روانو ٿي ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button