سکر

عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد خلاف بل پاس ٿيڻ جهموريت جي فتح آهي، سيمينار کي خطاب

بيورو رپورٽ،سکر
عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سکر پريس ڪلب ۾ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي مرڪزي اڳواڻ ملڪه خان، زهرا شاهه، غزالا انجم، فلڪ ناز، ثمينه، قفيه بلوچ ۽ ٻين چيو آهي ته عورت فائونڊيشن حڪومت پاران عورتن جي عالمي ڏينهن تي عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ بل پاس ڪرڻ کي جهموريت جي فتح آهي جيڪڏهن پاس ڪيل قانون تي عمل کي يقيني بڻايو ويو ته گهريلو تشدد ختم ٿي سگهي ٿو ڪراچي سميت ٻهراڙي جي اڪثر علائقن ۾ مرد بلاجواز گهرن ۾ موجود عورتن کي تشدد جو نشانو بڻائن ٿا اهڙا تشدد جا سوين واقعا رپورٽ ٿيا آهن پر انهن تي عملدرآمد نه ٿيڻ ڪري تشدد جي لاڙن ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي ملڪه خان سيمينار ۾ موجود مختلف علائقن مان آيل عورت اڳواڻن کي وڌيڪ ٻڌايو ته عورت فائونڊيشن جي سهڪار سان صوبائي وزير توقير فاطمه سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ قانون واري وزير اياز سومرو گڏجي گهريلو تشدد جي روڪٿام لاءِ ڊرافٽ تيار ڪيو جنهن بعد جمعي ڏينهن ان کي بل جي صورت ۾ سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيو ويو آهي ان عمل سان گهڻي ڀاڱي ظاهر ٿيندڙ واقعن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سگهجي ٿي ان موقعي تي عورت اڳواڻن چيو ته وقت تي ماني نه ملڻ، ٻار جي روئڻ، جانور کي گاهه نه ڏيڻ سميت ٻين معمولي معمولي مسئلن تي عورتن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جا واقعا تيزي سان وڌي رهيا آهن هن فورم جو مقصد متاثر ٿيندڙ عورتن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ آهي جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ ڪنهن عورت پاران بلاوجهه مسئلا پيدا ڪرڻ جون شڪايتون مليون ته ان تي به سنجيدگي سان غور ڪيو ويندو پر هن وقت تائين رڳو گهريلو تشدد جا واقعا سامهون آيا آهن

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button