شهدادڪوٽ

عباس ٽائون واقعو حڪومت جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي، شيعا اڳواڻ

Shahdad Koat protestشهدادڪوٽ: شهدادڪوٽ ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل ۽ شيعه امن ڪاميٽي پاران عباس ٽائون سانحي خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي هڙتال سبب شاهي بازار، ريشم گهٽي ، ڪوٽوموٽوچوڪ ، جمع کرل چوڪ ڊرٻ پاڙي ، مستوئي پاڙي جروار مارڪيٽ ، لانگاه مارڪيٽ سميت شهر جاننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته مختلف شيعه تنطيمن جا ڪارڪن هڙتال جي ڪاميابي لاء شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪندا رهيا هڙتال سبب ٽريفڪ معمول کان گهٽ نظر آئي جنهن سبب شهر جا روڊ ۽ رستا ويران نظر ٿي آيا جڏهن ته مڇريل ماڻهن ڪوٽوموٽو چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي ٻي پاسي شيعه علماءِ ڪائونسل ، اصغريه آرگنائيزيشن،مجلس وحدت مسلمين، جعفريه اسٽوڊنس آرگنائيزيشن، اماميه اسٽوڊنس آرگنائيزيشن سميت مختلف شيعه تنظيمن ، امام بارگاهن ۽ انجمنن جا ميمبر امام بارگاه دربارحسين کان ريلي ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن غلام سرور نقوي ، نيازحسين حسيني، سيد اڪبر شاه، سيد حسن علي شاه، سيد ضمير شاه ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته عباس ٽائون واقعو حڪومت جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي انهن چيو ته ملڪ کي دهشتگردن حوالي ڪيو ويو آهي هنن چيو ته 70 کان وڌيڪ دهشتگردن جي ڦاهي لاءِ صدر آصف علي زرداري جي ٽيبل تي فائل پيا آهن پر ان تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي هنن گهر ڪئي ته سموري ملڪ اندر دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث دهشتگردن خلاف ٽارگيٽ آپريشن ڪري کين گرفتار ڪري سر عام ڦاهي ڏني وڃي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button