ٽنڊو محمد خان

صدر آصف علي زرداري بينظير يونيورسٽي جو شاگرد آهي، حاجي امين لاکو

فهيم ڀٽي،ٽنڊو محمد خان

صدر آصف علي زرداري بينظير يونيورسٽي جو شاگرد آهي، حاجي امين لاکو
صدر آصف علي زرداري بينظير يونيورسٽي جو شاگرد آهي، حاجي امين لاکو
پ پ جي ضلعي صدر ۽ اڳوڻي ايم پي اي حاجي امين لاکو چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي ائٽم بم ڏنو شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان کي ميزائيل ڏنو ۽ صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ايران سان تاريخي معاهدو ڪري گئس جي پائپ لائين ڏني جيڪي ملڪي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيا ويندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن لاکا هائوس ٽنڊو محمد خان ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهرين حڪومت آهي جنهن پنهنجو آئيني مدو پورو ڪيو آهي جنهن تي صدر آصف زرداري ۽ وزيراعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه سميت پ پ جي سموري قيادت کيرون لهڻي ، هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگردياڻي هئي پر موجوده صدر آصف علي زرداري بينظير يونيورسٽي جو شاگرد آهي ڇاڪاڻ ته شهيد محترمه خود يونيورسٽي هئي ۽ سندس صلاحتن سبب کيس ادارو ڪوٺيو ويندو هو ۽ صدر آصف علي زرداري جي سياسي تربيت هن پاڻ ڪئي هئي ، هن چيو ته پ پ حڪومت ملڪ ۾ اربين روپين جي لاڳت سان تاريخي ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ ميگا پروجيڪٽ ڏنا ۽ ڏيڊ لک ماڻهن کي روزگار سان لڳايو، هن چيو ته پ پ کي مخالفت جي ڪري ئي سنڌ دشمن ڪالاباغ منصوبو هميشه لاءِ دفن ٿي ويو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صلاحتن جي ڪري اين ايس ٽي ايوارڊ تحت پنهنجو سنڌ کي پنهنجو جائز حصو مليو جنهن تي سنڌ جو صدر سيد قائم علي شاهه جس لهڻي ۽ اسان کيس پ پ سنڌ جي ڪارڪنن جو سپهه سالار سمجهون ٿا ۽ عوامي خواهش تي مشرف دور جو ڪارو قانون پڻ واپس ورتو ويو، هن چيو ته پ پ دور حڪومت ۾ عوامي سهولت لاءِ سنڌو ڌرياء تي ملاڪاتيار وٽان پل ٺاهڻ به تاريخي ڪم آهي جنهن سان بدين، مٺي، عمر ڪوٽ ،ٽنڊو الهيار ، ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽي ضلعي جي لکين ماڻهن کي سفر ۾ آساني ٿيندي ۽ سوين ميلن جو مفاصلو گهٽجي ويندو. هن چيو ته سنڌ جو عوام اڃا تائين محترمه بينظير جي شهادت جي سوڳ ۾ ورتل آهي ۽ شهيد راڻي عاشق رسول محترمه بينظير ڀٽو جو رت اڃا تائين ڪارڪنن کان نه وسريو آهي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ به عوام پ پ مخالفن کي تاريخي شڪست ڏيندو ۽ سندن ضمانتون پڻ ضبط ٿي وينديون، ان موقعي تي پير احمد سعيد ، ارشاد ميمڻ ، پپن الهه بخش ڀٽي، محبوب نوتڪاڻي، مير عبدالرشيد ٽالپر ۽ ٻيا موجوده هئا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button