مختصر خبرون

صالح پٽ مليريا وگهي وڌيڪ ڪيترائي ٻار اسپتال ڀيڙا

ديوان سڪندر، صالح پٽ
malariaصالح پٽ مليريا وگهي وڌيڪ ڪيترائي ٻار استپال ڀيڙا پي پي ايڇ آءِ سکر جي انچارج نسيم ميراڻي بي ايڇ يو صالح پٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي ايڇ او طرفان مکڻ پاڻ کائن ٿا ۽ لسي پي پي ايڇ آءِ جي حصي ۾ اچي ٿي سنڌ حڪومت طرفان ڊي ايڇ او کي 88 سيڪڙو ۽ پي پي ايڇ آءِ کي 12 سيڪڙو ملي ٿي جنهن مان سٺيون دوائون ۽ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر مريضن کي چڪاسن ٿا ٻئي طرف ڊي ايڇ او لاهور جون ڳڙ مٺائي واريون ديڳ ۾ پڪل ٿرڊ ڪلاس دوائون ڏين ٿا . 24 لک پوليو لاءِ سکر ضلعي ۾ اچن ٿا جيڪي صحيح نموني استعمال ڪرڻ بجاء ونڊي ورهائي کائين ٿا مليريا ، ارڙي ، ٽي بي، هيپاٽائيٽس جا پروگرام پاڻ وٽ رکي ڪمند مان رس چوسڻ وارو ڪم ڪن ٿا . سکر ضلعي ۾ 21 خاندان پوليو جا ڦڙا نه ٿا پيارين جنهن ۾ سکر ، پنو عاقل روهڙي ، جي علائقن جا آهن جن کي هن وقت تائين موٽيويٽ ناهي ڪيو ويو . مليريا جي ڦهلجڻ باوجود ڊي ايڇ او ڪن تي جونءَ نٿي چري ، مڇر مارڻ لاءِ مهنگيون دوائون وڪرو ڪري گاسليٽ ، ڊيزل جو دونهون ڏيکاري ڊي ايڇ او بجٽ حضم ڪري وڃي ٿو ، صحافن ۽ عوام کي سجاڳ رهڻ گهرجي .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button