مختصر خبرون

صالح پٽ شهر ۽ پس گردائي ۾ عطائي ماروئڙن کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ لڳا

صالح پٽ : صالح پٽ شهر ۽ پس گردائي ۾ 300 کان وڌيڪ عطائي ڊاڪٽرن اٻوجهه غريب ماروئڙن کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ لڳا 100 کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽور بنا لائيسنس جي هلڻ لڳا لائيسنس واري ميڊيڪل اسٽورن تي انڊيا جون سستيون دوائون ۽ سيمپل مدي خارج دوائون کلي عام هلڻ لڳيون صحت کاتي جا اعلا عملدارن پنهنجي جڳاڙي سسٽم زريعي في ميڊيڪل اسٽور تان ساليانو 10 کان 20 هزار رپيا رشوت طور اڳاڙڻ لڳا جڏهن ته عطائي ڊاڪٽر ۽ بنا لائيسنس طور هلائيندر ميڊيڪل اسٽور به ماهانا طور تي صحت کاتي جي اعلا عملدارن ڏانهن رشوت طور سندن نمائندن کي رقم موڪلڻ لڳا جڏهن ته ڊي ايڇ او طرفان سکر ضلعي۾ غير قانوني طور تي موت جو ڪاروبار هلائيندڙ نيم حڪيم ڊاڪٽرن توڙي غير سند يافتا ميڊيڪل اسٽورن خلاف ڪيس رجسٽرڊ ڪرڻ بجاءِکانئن رشوت وٺي موتمار اسپتالون هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جنهن سبب هيپاٽائيٽس ، ڪارو ڪامڻ ايڇ آءِ وي ايڊز ڦهلجي ٿو ته ٻئي طرف ڊي ايڇ او سکر طرفان هلندڙ اسپتالن توڙي صحت خلاف ٿيندڙ ڪارروائن باببت پنهنجن مقرر ويڪسينيٽرن کان رپوٽون به طلب ناهن ڪيون . واضع رهي ته ويڪسينيشن ڪرڻ کان علاوه سندن ڊيوٽي ۾ اها شيءِ شامل آهي ته هو پنهنجي علائقي ۾ رهندڙ عطائي ڊاڪٽرن توڙي غير سند يافتا ميڊيڪل اسٽورن بابت رپورت هر مهيني ڊي ايڇ او آفيس ۾ جمع ڪرائين ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ او سکر ڊاڪٽر جي رامداس ٻڌايو ته عطائي ڊاڪٽرن خلاف 1982 ايڪٽ سميت سندن خلاف نئي آيل قانون موجب ڪارروائي ڪري موت جو واپار ڪندڙن خلاف سختي سان منهن ڏنو ويندو جڏهن ته پهريان به عطائن خلاف ڪارروائي ڪئي هئي جنهن ۾ ڊي سي سکر به شامل هو عطائي ڊاڪٽرناسپتالون به هلائڻ جو واعدو ڪرڻ باوجود پنهنجون موتمار گهر ناهن بند ڪيا ٻن ڏينهن اند راگر اسپتالون بند نه ڪيون وين ته بنا ڪنهن سياسي دٻاء جي هڪ طرفي سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪيئي ويندي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button