مختصر خبرون

صالح پٽ:پوليس وڏيري مٿان ڪيس داخل نه ٿي ڪري، ڳوٺاڻا

صالح پٽ: شنباڻي برادري طرفان جلال شنباڻي ، لال محمد جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪندي چيو ته صالح پٽ پوليس سندن ڳوٺ مٿان فائرنگ ڪندڙ وڏيري ۽ سندن ساٿارين خلاف ڪيس داخل نه ٿي ڪري هنن چيو ته گذريل ڏينهن فائرنگ ۾ ٻه ٻڪريون مري ويون ۽ جوابدارن فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاء پکڙجي ويو آهي جڏهن ته جوابدارن 6 مهينا اڳ سندن نوجوان کي به قتل ڪيو آهي جوابدار بااثر هجڻ باوجود پوليس سندن خلاف ڪاروائي نه ٿي ڪري.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button