آرٽيڪل

شھيد ھيمون ڪالاڻي

ڀڄ مست چريا ٿا اچنئي …… ( ھيمون ڪالاڻي)،ورسي جي مناسبت سان
اسد گوپانگ، باڊهه

شھيد ھيمو ڪالاڻي
شھيد ھيمو ڪالاڻي

تواريخ ۾ لکيو ويو آھي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته انگريز ” فيل مست “ ھئو. ھن جو ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ ظلم ۽ بر بريت ، ڊپ ۽ ڊاءُ ، شان ۽ شوڪت جاھ و جلال ايڏو ھو جو ماڻھو ڇرڪندا ھئا.
تواريخ ۾ لکيل آھي ته انگريز سنڌ تي ڪاھ ڪا نه ڪئي ھئي سنڌ کي فتح ڪونه ڪيو ھئائين پر واپار ڪرڻ جي اجازت ورتائون ۽ پوءِ ” آئي ٽانڊي ڪاڻ بنجي ويٺي بورچياڻي“ جيئن انگريز سنڌ جو حڪمران بڻجي ويھي رھيو ـانگريز ھندستان کي ڪيئن غلام بنايو ھو ڪھڙي طريقي سان حڪمران بڻيو، ڪھڙي نموني ھن سنڌ کي غلام بنايو؟ اچو ته ان جي پس منظر تي ڪجھ نظر وجھون.1613ع ۾ شھنشاھ جھانگير ھڪ حڪم جاري ڪيو جنھن ۾ ھن انگريز کي سورت ۾ واپاري ڪوٺين کولڻ جي اجازت ڏني ۽ پوءِ آھستي آھستي واپاري يعني ماڻھن جي گذر معاش جي ذريعي تي قبضو ڪري ھندستان ۽ سنڌ کي محڪوم بنائي ويھي رھيو
بنگال کي نشانو بنايو ۽ شڪار ٺاھيو ويو ته بنگال جي باغي شھزادي سراج الدوله جي دوربين نگاھ تاڻي ورتو ته انگريز ڪيڏو چالاڪ آڳي ۽ ھو ڪھڙي نه طريقي سان ملڪ تي قابض ٿيندو پيو وڃي انڪري ھن بغاوت ڪئي حڪم ڪيائين ته ” قبضي ھيٺ آيل ايراضيون خالي ڪري وڃو “ انگريزن اھا ڳالھ نه قبولي ۽ نه ان تي عمل ڪيو . باغي سراج وڙھيو ، ٻئي طرف انگريزن مير جعفر جھڙا ديس دروھي ۽ دلال خريد ڪري ورتا جنھن ڪري جنگ ۾ سراج کي شڪست ڏئي وڌائون .انگريز نه رڳو بنگال تي قبضو ڪيو پر چالاڪي ۽ عياريءَ کان ڪم وٺي آھستي آھستي سموري ھندستان جو ڌڻي ٿي ويھي رھيو ۽ سوا سئو سالن تائين ھندستان جي ماڻھن کي لٽيندو ۽ ڦريندو رھيو ماڻھن کي ستائيندو رھيو، وقت آيو ماڻھو جاڳيا ماڻھن ھندستان کي آزاد ڏسڻ ٿي گھريو انگريز سامراج کان نجات وٺڻ ٿي گھري چوطرف ھل ھنگاما ٿيا ، شور ٿيا ، جھيڙا ٿيا ، قتل عام ٿيا ماڻھن ھندستان ۾ آزديءَ جي سج اڀارڻ لاءِ جدوجھد ڪئي!ھندستان جي مھا اڳواڻ مھاتما گانڌي ھندستان خالي ڪريو (Quit-India) تحريڪ شروع ڪئي ۽ ان سان گڏ ماڻھن کي ” ڪرو يا مرو “ جي ھدايت ڏني 1942ـ41ع زمانو ھئو. ماڻھن جي دلين ۾ فرنگين جي خلاف نفرت جا آڙاھ پئي ٻريا ، ماڻھن ان جو سڏ جو جواب ھر ھنڌان ڏنو، انگريزن کي مستي ھئي ، غرور ۽ تڪبر ھيو ۽ ان آڌار تي ھنن ڏاڍ ڪيا ، سورمن جي قربانين راگ لاتو ۽ انگريز ھندستان ڇڏي ھليو ويو ۽ ھندستان کي آزدي ملي وئي ـ

21 جنوري 1943ع جي صبح جو اسر ويلي کيس سکر جي اسپيشل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي ـ ان کان اڳ سکر سينٽر جيل ۾ سندس ماءُ پيءُ جڏھن سندس ملاقات تي آيا ته ھو روئي رھيا ھئا ، رڙيون ۽ دانھون ڪري رھيا ھئا . سندن اھڙي حالت ڏسي شھيد ھيمونءَ پنھنجي عزيزن کي گيتا جو حوالو ڏيندي چيو : ” ڀڳوان شري ڪرشن گيتا ۾ صاف صاف چيو آھي: ” آتما امر آھي

مھاتما گانڌي ھندستان خالي ڪريو نعرو ھنيو ته ماڻھن ھيءُ راءِ قائم ڪئي ھاڻي انگريز کي برصغير مان ٽپڙ ٻڌڻا پوندا.ھندستان خالي ڪريو مراد اھا ھئي ته فرنگين جي جھنڊي جي جاءِ تي آزاد ھندستان جو جھنڊو ڦرڪي ، ھندستان خالي ڪريو جو مطلب اھو ھيو ته ھندستان جي آزدي ملڪ جي حيثيت ۾ پنھنجي فوج ٺھي.
ھندستان خالي ڪريو مان مطلب اھو ھو ته گوري ڪاري جي مٿان حڪمراني بند ڪري ۽ گوري جي، ڪاري جي ملڪ ۾ ڪابه دست اندازي نه رھي ۽ انگريز ھندستان کي مڪمل طور ڇڏي وڃي ، سندس ڪو به واسطو نه ھجي. لڳ لاڳاپو نه ھجي.ھندستان خالي ڪريو سڏ جي پڙاڏي کي محسوس ڪندي ھندستان اڳواڻ شري پنڊت جواھر لال نھروءَ ماڻھن کي صلاح ڏيندي چيو :” گھڻي وقت کان اسان پرڀات جو انتظار پئي ڪيو آھي ليڪن ڊگھي رات پوري نه ٿي آھي ۽ اڃا شايد پوري نه ٿئي…. گھڻو وقت …. ان جي مونکي خبر ناھي . ديش جي آزديءَ جي لڙائي جا ڪيترائي سپاھي شايد اُھا پرڀات نه ڏسي سگھن . پر اھا پرڀات ايندي ضرور! تيسين سوتنرنا جي راھ رُسن رکڻ لاءِ جوت جلائيندو ئي رھڻو آھي … ۽ مان ڄاڻڻ گھران ٿو ته توھان مان ڪيترا بھادر اھا جوت ڪرندڙ ھٿن مان وٺڻ لاءِ تيار آھن.“۽ پوءِ ڪئين آيا ، جن ڪرندڙ ھٿن مان جوت کڻي ورتي ۽ ان جوت کي کڻي اڳتي وڌيا. سرن جو نذرانو ڏنائون. ڳچين سندا ڳچ وڃائي ويٺا ، جانيون قربان ڪيائون . جنھن لاءِ ساڳئي نھروءَ جيل مان ڇٽڻ وقت چيو : ” … 1942ع ۾ جيڪي ٿيو ان لاءِ مونکي فخر آھي ، ماڻھو جيڪڏھن ڪانئئر ٿي گھر وڃي ويھن ھا ته مونکي سخت افسوس ٿئي ھا …“1942ع ۾ ان کان اڳ ۽ پوءِ ” فيل مست “ فرنگيءَ کي ھندستان مان ٽپڙ ٻڌائڻ لاءِ جيڪو ڪجھ ٿيو ۽ سنڌ جي چرين جيڪو ڪم ڪيو ان تي سرسري طور تي ڪجھ نظر وجھجي.سنڌ ۾ مقولو آھي: ” ڀڄ مست چريا ٿا اچنئي“ فرنگي ” فيل مست “ ھئو ته آزديءَ جي طالبن سنڌي چرين ان کي ڇتو ڪرڻ ، ڀڄائڻ ۽ بڇڙو ڪري ھندستان خالي ڪري وڃڻ تي جھڙي نموني مجبور ڪيو ان کي فراموش ڪيو ويو آھي. تاريخ لکندڙن سنڌ جي انھن چرين کي وساري ڇڏيو آھِ ، جن ” فيل مست “ فرنگيءَ کي ھندستان ڇڏڻ تي مجبور ڪيو.ھندستان مان انگريز کي ڪڍڻ ۽ ملڪ کي آزدي ڪرائڻ ۾ جيڪڏھن ڪانگريس قربانيون ڏنيون ھندستان جي ماڻھن ڪنڌ ڪوري ڪلن تي رکيا ته سنڌ جا جوڌا به پٺتي ڪونه پيا . ” حر تحريڪ “ ۽ شھيد صبغت الله پاڳاري انگريزن کي جھڙي نموني ٽوٽا چٻايا ۽ سندن بت مان جيڪي ٺڪائو ڪڍيا

، جيڪي پاسراٽيون ٽوڙيون ، اھي ٽڙڪاٽ ڪنھن کان وسريا آھن؟ انگريز کي ” حر تحريڪ “ جيڪا ماءُ جي ٿڃ ياد ڏياري ، ان جي پنھنجي حيثيت آھي ، پنھنجي تاريخ آھي . جنھن جو ذڪر مون پنھنجي مضمون ” شھيد پاڳاريو“ ۾ ڪيو آھي .اھو زمانو آھي جو ” فيل مست فرنگي“ کي ڀڄائڻ لاءِ ھڪڙو ٻيو چريو ، ڪن ٻين چرين کي ساڻ ڪري ان ” فيل مست “ فرنگيءَ جي پويان ڪاھي پيو . سندس نالو راھي ھيمن ھو پر کيس ” ھيمون “ چيو ويندو ھو . ھو 11 مارچ 1924ع ۾ پراڻي سکر ۾ ڄائو ھو . سندس پيءُ پيسومل ٺيڪيداري ڪندو ھو . جنھن وقت ” ھيمون “ ريل جي پٽڙي اکيڙڻ ڪري گرفتار ٿيو ته سندس عمر اوڻيھ سال ھئي. سکر جي تلڪ ھاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ پڙھندو ھو ريل جي پٽڙي اکيڙڻ کان اڳ ھيمون ۽ سندس ٻيا ساٿي انقلابي سرگرمين سان وسطيدار ھوندا ھئا. ھٿن سان پمفليٽ لکي ورھائيندا ھئا گرفتاري کان پوءِ جڏھن ھيمونءَ جي گھر جي تلاشي ورتي وئي ھئي ته سندس گھر مان ڪافي انقلابي مواد ھٿ آيو ھو.
پمفليٽن ۽ ننڍڙن خبرن کي اخبار جي نموني لکي ورھائڻ کانسواءِ ھنن ” ساڙ ٻاڙ “ تحريڪ شروع ڪئي جنھن ۾ ھنن پاران سنڌ جي ڪافي شھرن ۾ سرڪاري رڪارڊ ساڙيو ويو ۽ ھن جي ھڪ ساٿي پوليس جي انسپيڪٽر جنرل جي ڪوڙي صحيح ڪري پنھنجي ھڪ انقلابي ساٿيءَ کي جيل مان آزاد ڪرايو ھو ان کانسواءِ ھو ڪن خاص اسڪولي شاگردن کي گڏ ڪري شھيد ڀڳت سنگھ بابت ٻڌائيندو ھئو. ان کانسواءِ پنھنجي چاچي ڊاڪٽر منگھارام جي کوليل سوراج سئنا منڊل ۾ پڻ ھو سرگرم ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو ھئو.پاڻ پنھنجي چاچي ڊاڪٽر منگھارام ڪالاڻي جي اڳواڻي ھيٺ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪافي بھرو وٺڻ لڳو ان کانسواءِ دادا ٿانور داس گلومل جي اڳواڻي ھيٺ بغاوت جي پئي تياري ڪيائين. پر ھيمون اجائي شوربازي کي ڪڍائڻ ۽ ليڊريءَ جو شوقين ڪونه ھئو. ھن وٽ عمل وڏي شئيءَ ھئي ۽ ھن اندر ئي اندر رھي گھڻو ڪجھ ڪرڻ ٿي چاھيو . ننڍپڻ کان وٺي انگريزن سان نفرن ھئس پير علي محمد شاھ راشديءَ پنھنجي مضمون ۾ لکيو آھي ته ” ظاھري طرح سياست سان ڪو واسطو ڪونه ھئس ، توڙي جو آءُ ورھين جا ورھيه سکر ۾ رھي چڪو ھئس پر سندس نالو ڪڏھن به منھنجي ڪن تي ڪونه پيو . معلوم ٿئي ٿو ته اندر ئي اندر ۾ پئي سڙيو ۽ ٻريو … “ظاھر آھي ريل ڪيرائڻ لاءِ به ڪو ذھن ئي سوچي سگھي ٿو ” ھيمون “ اُپھرو ڪونه ھئو ۽ نه وري ھرو ڀرو اجائي شوق خاطر ائين ڪيو ھئائين جيڪڏھن شوق خاطر ائين ڪري ھا ته ھو پنھنجي حياتي بچائي ھا . دوستن ۽ ساٿين جا نالا پيش ڪري انھن کي ڦاسائي پاڻ ڇڏائي سگھيو ٿي ۽ اھو ھڪ ڀيرو نه پر ھزار ڀيرا کيس چيو به ويو ھئو ان ڪري تشدد جو نشانو بنايو ويو .

” حر تحريڪ “ ۽ شھيد صبغت الله پاڳاري انگريزن کي جھڙي نموني ٽوٽا چٻايا ۽ سندن بت مان جيڪي ٺڪائو ڪڍيا ، جيڪي پاسراٽيون ٽوڙيون ، اھي ٽڙڪاٽ ڪنھن کان وسريا آھن؟ انگريز کي ” حر تحريڪ “ جيڪا ماءُ جي ٿڃ ياد ڏياري ، ان جي پنھنجي حيثيت آھي ، پنھنجي تاريخ آھي . جنھن جو ذڪر مون پنھنجي مضمون ” شھيد پاڳاريو“ ۾ ڪيو آھي

اصل ۾ ريل جي پٽڙي اکيڙڻ جو قصو ھئين آھي ته 23 آڪٽوبر 1941ع تي ھيمونءَ شھيد کي خبر پئي ته انگريز فوج سان ڀريل ھڪ ريل گاڏي جنھن ۾ بارود پيل آھي سار روھڙي سکر کان ٿيندي ڪوئيٽا وڃڻ واري آھي. جنھن وسيلي سرحد جي جوانن کي ڪچليو ويندو. ھيمونءَ پنھنجي ساٿين سان پرگرام ٺاھيو ته ريل جي اچڻ کان اڳ پٽڙي اکيڙينداسون . مقرر وقت تي پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ ريل جي پٽڙي اکيڙڻ ويا پر ” ھيمون“ پڪڙجي پيو ، سندس ٻيا ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ريل ڪانه ڪري سگھي ! ھيمونءَ ريل ڪيرائڻ جو تڏھن سوچيو جڏھن انگريزن سان نفرت اوج تي ھئي ۽ کيس ملڪ ڇڏڻ جو چيو ويو ھندستان جو عوام انگريزن جي ڏاڍ ۽ ظلم جي جانڊاھ ۾ پيسجي پيسجي ٿڪجي پيو ھئو ۽ ھاڻ ان ظلم مان نجات ٿي چاھيائون.
مھاتما گانڌي (Quit-India) جو نعرو ھنيو ته ھيمون ان سڏ جو پڙاڏو بنجي ويو. ھيمونءَ ان سڏ جو جواب ڏنو ۽ پنھنجي طريقي ۽ سوچ سان انگريز کي ملڪ خالي ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو نوجوان شھيد ھيمون ڪالاڻي نٿي سمجھيو ته انگريز جھڙو حڪمران جنھن سوا سئو سالن تائين وڏي ڏاڍ ۽ڏھڪاءُ سان انسا جي ملڪ کي ٻنھي ھٿن سان لٽيو ۽ ڦريو آڳي اھو ائين شرافت سان ملڪ ڇڏيندو ۽ جيڪڏھن کيس ٽپڙ ٻڌي وڃڻ تي راضي به ڪيو وڃي ته ھيمون جي دل اھو نٿي چاھيو ته فرنگي بنا وياج جي موٽي وڃي!چرئي ھيمون ان وقت ” فيل مست “ انگريز کي پريشان ڪرڻ لاءِ ريل ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ، جڏھن انگريز مست کي سنڌ ۾ ” حر تحريڪ “ جي چرين اڳئي چڱو ڊوڙايو ھئو ۽ ميدان ماريو ھئو . اھي چريا اھڙي نموني سان ان جي پويان لڳا ھئا جو ” فيل مست “ انگرز ڇتو ٿي پيو ۽ پنھنجي ڇتپڻ جي عروج تي ھئو. ماڻھن جي سرجري پئي ڪيائين . قتل عام ٿي ڪيائين ماڻھن کي وڏا عذاب ۽ صدما ٿي ڏنائين ۽ سندس انھيءَ ڇتپڻ جي زماني يعني 1942ع ۾ جڏھن سنڌ سان مارشل لاڳو ٿيو مارشل لا ان ڪري لاڳو ڪيو ويو ته ” حر تحريڪ“ کي ڪچلجي ۽ انھن حرن کي سزائون ڏنيون وڃن جن آزديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو آھي . ڪورٽ مارشل قائم ڪري حرن کي سزائون ڏنيون پئي ويون ھيمونءَ کي به ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. مقدمو ھليو . سکر جي مارشل ڪورٽ کيس جنم ٽيپ ڏني ۽ اھو فيصلو حيدرآباد جي مارشل ڪورٽ ڏانھن موڪليو ويو جتان جي مکيه انگريز آفيسر ڪرنل رچرڊسن کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏني!
مارشل ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندي ھڪ دفعي چيائين ” مون ريلوي لائين ان لاءِ ٿي پٽي جو فرنگين جي ٽرين کي ناس ڪرڻ جو ارادو ھوم ليڪن بدقسمتي آھي جو ان رٿا ۾ ناڪامياب ويس.“
ٽي سال ساندھ ڪيس ھلايو ويس ان وچ ۾ ملٽري جا ڪمانڊر ۽ آفيسر روزانو ھن وٽ جيل تي وڃي مختلف طريقن سان آزمائيندا رھيا ته ھو پنھنجي ڪئي تي پيشماني ڏيکاري معافي وٺي پنھنجي ٻين ساٿين جا نالا کڻي پر :مون سھڻا تنھنجا ساک کنئي ۽ لوئيءَ تنھنجي لاک ھنئي،
ستي ڪانئر ٻئي ڪنھن ڪڙم منجھان جي پيار ڪري پڇتائين .. (اياز)
ھن سنڌ ڌرتي سان نيھن نڀائڻ جو قسم کنيو ھئو ھن انگريز سامراج جا پنھنجي ڌرتيءَ تان پير اکيڙڻ جو وچن ڪيو ھئو. ھن ان ڌرتيءَ ۽ مقصد جي ڪري پنھنجي ماءُ پيءُ جن جو اڪيلو آسرو ڏڍ ھئو ته ڇڏي ڏنو . ھن ان ڳالھ ڪري پنھنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏ ڏني ھئي ۽ پوءِ ھو ڪيئن غداري ڪري سگھيو ڪيئن ٿي ٻين لاءِ نقصانڪار عمل ڪري سگھيو .” ھيمون“ ريل جي پٽڙي اکيڙڻ وارن مان اڪيلو ئي ھئو جيڪو گرفتار ٿيو ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ھئا ۽ ھيمون تي ھر تشدد جو اوزار ان لاءِ آزمايو پئي ويو ته ھو پنھنجي ساٿين جا نالا ٻڌائي پر ھن جو ھر دفعي اھو جواب ھوندو ھيو . ” مون سان ھر ھندستاني ، برصغير جو ھر ماڻھو گڏ آھي جيڪو چاھي ٿو ته انگريز سامراج ملڪ ڇڏي وڃي آءُ ڪھڙن جا نالا کڻان؟“

مھاتما گانڌي (Quit-India) جو نعرو ھنيو ته ھيمون ان سڏ جو پڙاڏو بنجي ويو. ھيمونءَ ان سڏ جو جواب ڏنو ۽ پنھنجي طريقي ۽ سوچ سان انگريز کي ملڪ خالي ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو نوجوان شھيد ھيمون ڪالاڻي نٿي سمجھيو ته انگريز جھڙو حڪمران جنھن سوا سئو سالن تائين وڏي ڏاڍ ۽ڏھڪاءُ سان انسا جي ملڪ کي ٻنھي ھٿن سان لٽيو ۽ ڦريو آڳي اھو ائين شرافت سان ملڪ ڇڏيندو

اھو جواب لانگ بوٽن جي ٿڏن تي به ڏنائين ته برف جي نادين تي سمھڻ سان به ،ڪوڙي لڳڻ سان به ته سچ پتري سان به اگھاڙي ٿي ٽنگجي مارجڻ سان به ته لٺين جي وسڪاري سان به! ھر وقت سندس اھو ئي جواب ھئو:جي لوڻ لڱيڻ لائين ، چيري چيري چم،
مون ڪر اڳي نه ڪيو اھڙو ڪوجھو ڪم،
جان جان دعويٰ دم ، تان تان پرت پنھوارسين! ( شاھ )
انگريز جڏھن تشدد جي سمورن اوزارن کي مڏو ٿيندي ڏٺو ۽ پنھنجي ھر وار سان ھيمونءَ جي عزم کي فولاد ٿيندي ڏٺائين ته ساٿين جي نالن پڇڻ واري ڳالھ تان ھٺ لھي آيو ۽ پوءِ ھي ڳالھ ڪرڻ لڳو ته ” ھيمون “ پشيمان ٿئي ، معافي وٺي ته کيس معاف ڪيو ويندو . پر ھيمونءَ سوچيو ته سر وڃي ۽ ملڪ کي ڌارئي سامراج مان آزادي ملي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي سستي شئي آھي.
کيس ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي معافي گھرڻ لاءِ چيو ويو ، سندس پوڙھي ماءُ پنھنجي مامتا ۽ سندسن پيرسن پيءُ پنھنجي پيار کان مجبور ٿي اھڙيون درخواستون ڪيون. ھيمون کي مائٽن پاران چيو ويو پر ” ھيمون “ ڄڻ انھن لاءِ جيئرو ئي نه رھيو ھئو . ھن صاف انڪار ڪري ڇڏيو۽ چوندو رھيو ، ” آءُ پنھنجي عمل تي ڪڏھن به پيشمان ناھيان، مون جيڪي ڪجھ ڪيو آھي صحيح ڪيو اٿم. اھو وطن لاءِ ڪيو اٿم . وطن جي آزديءَ ۽ نجات لاءِ ئي سڀ ڪجھ ڪيو اٿم مونکي پڇتاءُ ڪونھي . مون اھو ڏوھ ڪونه ڪيو آھي جو آءُ معافي وٺان. جيڪڏھن آءُ معافيءَ جي درخواست تي ڪندس ته ڄڻ انگريز کي ھتي رھن جي مھلت ڏيڻ واري دستاويز تي صحيح ڪندس! آءُ ته انگريز کي ڪڍڻ ٿو چاھيان ۽ جيستائين جيئرو آھيان ايستائين وڙھندو رھندس.“ اھو ھو ھيمون شھيد جو جواب جيڪو سڀني کي پئي ڏنائين ۽ انگريز سامراج جي منھنج تي ڦھڪائي ٿي ڪڍيائين ـآخر انگريز ملٽري جي ڪمانڊر ” ھيمون “ کي چيو ته ” توکي آزد ٿا ڪريون پر آئيند لاءِ واعدو ڪر ته ٻيھر اھڙي سرگرمين ۾ حصو نه وٺندين .“ھيمون شھيد ھڪڙو ٻيو وعدو ڪيو اھو ھيءُ ته ” جيڪڏھن مونکي آزد ڪيو ويو ته ٻيھر به اھڙا ڪم ڪندس ۽ ايستائين ڪندو رھندس جيستائين انگريز سامراج ھندستان خالي نه ڪيو آھي ! “ نيٺ انگريز ” فيل مست “ اھڙن چرين کان تنگ اچي ھندستان خالي ڪري ھليو ويو ـھيمونءَ جو جسم اروڙ جي مٽيءَ مان جڙيل ھئو سندس پگھر مان اھڙو ھڳاءُ ايندو ھئو وطن سان وڏي محبت ھئس وڏو بھادر ۽ ھمت ڀريو ھوندو ھئو ڪاڪي تيرت داس ڪراچي واري ھڪ ڀيري سندس باري ۾ ٻڌائيندي چيو ” پاڻ “ ھيمون “سان گڏ جيل ۾ ھوندو ھئو ، کيس ورزش ڪرڻ جو شوق ھوندو ھئو ۽ سدائين پنھنجي جسماني قوت وڌائڻ لاءِ محنت ڪندو ھئو. ورزش ڪرڻ وقت پنھنجي ڏورن تي ھٿ ھڻي چوندو ھو ته ھنن ڏورن کان ڪم وٺڻو آھي جسم کان انگريز ملڪ مان ڀڄائڻ وارو ڪم وٺڻو آھي ھو ڏاڍو ماٺيڻو ، خاموش طبع ۽ سلجھيل ذھين ھوندو ھو . وطن سان ڏاڍو پيار رکندو ھو ۽ ھر ڀيري اسان کي چوندو ھئو ته جڏھن آءُ آزد ٿيندس ته ان کان وڌيڪ ڪم ڪندس . ۽ ايستائين ڪندو رھندس جيستائين انگريز ملڪ نٿو ڇڏي ، ھن جي زبان تي ” سنڌ “ ، ” سنڌ “ ھوندي ھئي ۽ چوندو ھئو ته ھند جي تاريخ ۾ سنڌ کي نمايان حيثيت ڏيارڻي آھي!“.مرحوم محمد امين کوسي ھڪ انٽرويو ۾ ھيمون بابت ٻڌايو : ” ھيمون سان منھنجا قريبي تعلقات ھئا . ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان سکر ۾ گڏ ڪيل شاگردن جي ڪانفرنس ۾ ھو منھنجي قريب آيو ۽ تقرير کان پوءِ سڄي رات ھو ۽ مسٽر ھشو ڪيولراماڻي مون وٽ ويٺا ھئا. مون ھن وٽ مھاتما گانڌيءَ جو ماٺاڻو فلسفو پيش ڪرڻ بجاءِ سامراجين سان مقابله آرائي جو فلسفو پيش ڪيو … ڪراچيءَ جيل ۾ ھيمون مون کي ٻڌايو ته ” ھو موت جي ڪري لڄي نه ٿيندو پر ھڪ بھادر جي موت مرندو “ واقعي ائين ڪري ڏيکاريائين ـ ڦاسيءَ جي ڦندي کي چمي ڏئي ڳچيءَ ۾ وڌو ھئائين ۽ ڦاسي جي تختي تي ” انقلاب زنده باد “ ۽ ” ھندستان خالي ڪريو “ جا نعرا ھڻندو رھيو ۽ آخري خواھش اھا ڏيکاري ھئائين ته عملدار ” انقلاب زنده باد “ ۽ ” ڀارت ماتا جي جئه “ جا نعرا ھڻن ۽ نيٺ ھنن ائين ڪيو ؟جيل آفيسرن جي رپورٽ موجب ته ھيمونءَ جو آخريءَ 21 ڏينھن ۾ ست پائونڊ وزن وڌيو ھئو ڇاڪاڻ ته کيس خوشي ھوندي ھئي ته ھو وطن لاءِ قربان ٿيندو ـ
21 جنوري 1943ع جي صبح جو اسر ويلي کيس سکر جي اسپيشل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي ـ ان کان اڳ سکر سينٽر جيل ۾ سندس ماءُ پيءُ جڏھن سندس ملاقات تي آيا ته ھو روئي رھيا ھئا ، رڙيون ۽ دانھون ڪري رھيا ھئا . سندن اھڙي حالت ڏسي شھيد ھيمونءَ پنھنجي عزيزن کي گيتا جو حوالو ڏيندي چيو : ” ڀڳوان شري ڪرشن گيتا ۾ صاف صاف چيو آھي: ” آتما امر آھي ۽ جنم مرڻ کان پري آھي اُھا نه فقط روپ بلديندي رھندي آھي. ان ڪري مان به مرندس نه پر پنھنجو روپ بدليندس. اوھان مونکي آشيرواد ڏيو ته مان وري پوتر ڀومي ۾ ئي جنم وٺان ھن پشت ڀوميءَ کي آزدي ڏسان . سکيو ۽ ستابو ڏسان! “
اھا ھئي شھيد ھيمونءَ جي خواھش ۽ تمنا ـ21 جنوري 1943ع جي ڏينھن مارشل لاءِ ۽ قلم 144 ھوندي به ماڻھو پنھنجي ھن دلير سورمي جي زيارت لاءِ وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيا ۽ سندس عظمت کي سلام ڪيائون.
شھيد ھيمونءَ جي جسم جي رک ، سڀني لاءِ ھو پوتر نعمت ھئي ، ڪافي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھيمون کي سون ۽ چاندي جي لاڪيٽ ۾ وجھي پوڄا ڪندا ھئا. ڪيترن کيس پنھنجي سيني تي لڳايو ۽ ھندستان جي مکيه مکيه شھرن ۾ اھا رک موڪلي وئي جيڪا وڏي عزت ۽ آبرو سان پوتر ندين جي حوالي ڪئي وئي .
شھيد ھيمون جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان بابت تمام ٿورو احوال ملي سگھيو آھي. اڄ تائين صرف ڪي نالي ماتر مضمون لکيا ويا آھن جن مان مون ھن مضمون کي تيار ڪيو آھي. اسان جا تاريخ نويس پراڻا ته ٺھيو پر جيڪي نوان ساماڻا آھن اھي به ھيمونءَ جي تاريخ لکڻ ته پري پر ان جو نالو لکڻ به مناسب نٿا سمجھن ، ڇا ڪاڻ ته ” ھيمون “ ھندو ھئو. ھن جو مذھب اسلام ڪونه ھو ۽ ھي اسان جا سڀئي تاريخدان مسلمان سڳورا آھن . ڪن کي عالم جي پڳ مٿي تي رکيل آھي ته ڪن کي وري ” مولويت “ جو چولو پاتل آھي. سندن اندر ۾ نفرت جا آثار پيا ٻرن مذھبي نقطئه نگاھ کان تاريخ لکڻ کي تاريخ نه چيو ويندو. اھڙي نموني جي تاريخ لکندڙن جي نظر ۾ ابن قاسم سنڌ جو فاتح خدا جو موڪليو بندو ، ارڙھن سالن جو جنت جو گلمان ھوندو آھي ته مھاراجا شھيد ڏاھر دوزخ جو ڌڻي ۽ خدا جو ڌڪاريل! منھنجي ھڪ محترم دوست عبدالواحد آريسر جيڪو نئون تاريخ نويس آھي ان پنھنجي ڪتاب ” جي ايم سيد “ ۾ ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته :
” سن 1942ع ۾ سنڌ جو ھڪ انقلابي نوجوان انگريزن جي خلاف مصلح ڪاروائيءَ جي جرم ۾ سر زمين سنڌ اندر ڦاسي تي چڙھڻ وقت ” جئي ھند “ جو نعرو ھڻي ٿو ان ڳالھ مان ھيءَ خبر پوي ٿي ته انھيءَ دور ۾ ” سنڌ “ کي انقلابين ، ڪميونسٽن ، دھشت پسندن ، انارڪسٽن ، قوم پرستن ۽ رجعت پسندن سڀني وساري ڇڏيو ھئو ( ص 108)سڄو ھندستان انگريزن جي قبضي ھيٺ ھئو ۽ پوري ھندستان جي ڇوٽڪاري ۽ نجات لاءِ جدوجھد ڪئي وئي ھئي ” ھندستان خالي ڪريو “ مان مراد اھا ھئي ته انگريز پوري ھندستان مان ٽپڙ ٻڌي ھليو وڃي . ان وقت جي مھا ليڊرن ، ڪانگريخي ۽ مسلم ليگي جماعتن جي اھا راءِ ھئي ته انگريز ھليو وڃي ۽ سڀني جي ويڙھ انگريز سان ھئي سڀني جو نشانو انگريز ھئو ۽ سڀني جو دشمن ۽ ويري انگريز ھئو . ملڪن جي ورھاست جو معاملو پوءِ جو ھئو جيڪو انگريز جي سازش جو ئي نتيجو ھئو ۽ اھو ورھاڱو دراصل انگريز جي ئي ڪاميابي ھئي.ان وقت ھڪڙي طرف انگريز جھڙي چالاڪ ۽عيار حڪمران ان سان ويڙھ ھئي ٻئي طرف ھيءَ سازش ڪئي وئي ھئي ته مذھبي طور تي ملڪ ٺاھيا وڃن يعني جتي مسلمانن جي گھڻائي ھجي اتي جدا ملڪ ” پاڪستان “ ٺاھيو وڃي ۽ جتي ھندن جي گھڻائي ھجي اتي ” ھندستان “ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان سنڌ جي پڙھيل لکيل طبقي سنڌي ھندو کي سنڌ ڇڏڻي پئي يعني سنڌين جي اڪثريت کي ختم ڪيو ويو . ورھايو ويو. ظاھر آڳي ته ھيمون ڪالاڻي جھڙي قومپرست ، وطن دوست ۽ سوشلسٽ نوجوانن کي ان وقت سنڌ جي مڪمل آزدي جو نعرو ھڻڻو ئي ڪونه ھو. ڇا ڪاڻ ته ھن پڙھيل لکيل طبقي کي سنڌ مان ويندي ڏسي ، باقي سنڌ کي آزاد ڪرائي سنڌ ايوب کھڙي ، ميرن ، پيرن ۽ وڏيرن حوالي ڪانه ڪرڻي ھئي ۽ ھن کي اھڙي آزدي به پسند ڪانه ھئي . ھن نٿي چاھيو ته سنڌ جي ڏاڙھي اھڙن استن جي حوالي ٿئي ان وقت ھن يا ٻين آزديءَ پسند جوڌن جي نظر ۾ سڀ کان اول سنڌ ۽ ھند مان انگريزن کي ڪڍڻ ھو ۽ ان کان پوءِ ئي ٻي آزديءَ لاءِ سوچڻو ھئو يعني ساڳي آريسر جي تحريڪ جي موجوده نظرئي واري ڳالھ ھئي ته اول ڌارئي سامراج جا ٽپڙ ٻڌائجن پوءِ ٻي ڳالھ ـ مونکي افسوس ٿو ٿئي ته تاريخ نويس ، ان نوجوان جي قرباني کي رائگان ڪرڻ جي ڇو ڪوشش ڪئي آھي ۽ سندس نالو به نه لکيو ! ۽ ان ڪاروائي کي جرم ٿو سڏي ڄڻ انگريز سامراج جي پاران اھا ڳالھ لکي اٿس ڇاڪاڻ ته ان فرنگي جي نظر ۾ اھا ڳالھ ڏوھ ئي ھئي.
ائين به ناھي ته ھيمونءَ کي پنھنجي سنڌ وسريل ھئي ھن جي نظر ۾ انگريز سامرا ج کي ھندستان مان ڪڍڻ واري ڳالھ مان سنڌ جي مڪمل آزديءَ کي ھٿي ملڻي ھئي.بمبئيءَ کان نڪرندڙ ” نئين دنيا “ جي جنوري ۽ فيبروري 1948ع جي پرچي ۾ ” اندر ڀوڄواڻي “ ” ھيمونءَ“ تي مضمون لکيو ته ” اي ھيمونءَ ! تو جنھن وطن لاءِ دار کي چميو ھئو. ھاءِ! افسوس سنڌ انھيءَ نقشي تي موجود ناھي. نقشي تي تنھنجي سنڌ جو نشان موجود ناھي . اي ھيمون! توڻ ھاڻي زنده جاويد شھيدن جي سامھون فخر نه ڪر…““ ان مان صاف ظاھر ٿو ٿئي ته ھندستاني اديب چواڻي ته ھيمون شھيد سنڌ کي به ھندستان جي گڏيل نقشي تي ڏسڻ ٿي گھريو ۽ ھن جيڪا انگريز سامراج کي ڀڄائڻ ۾ قرباني ڏني ان کي ته وساري نٿو سگھجي امين کوسي جي بقول : ” ھيمون جي بھادريءَ جو موت ڪنھن جي به ميٽجڻ ۽ ميسارجڻ جو نه آھي.“ھڪ ٻئي مضمون نگار ھيمونءَ قاضي پنھنجي مضمون ۾ ھيمونءَ جي ڦاسي تي لکي ٿو : ” ھيمون واري ٽولي کي دشمن جي صحيح ڄاڻ ھئي ، سي سياسي دھشت پسند بڻجي ويا ، ڇا ڪاڻ ته انھن کي صحيح سوچ جو صحيح استعمال نه آيو.“
مان ان ڳالھ سان اتفاق نٿو ڪريان ته ھيمونءَ جي ٽولي پنھنجي سوچ کي صحيح نموني استعمال نه ڪيو جيڪڏھن ھيمون ” حر تحريڪ “ تشدد واريون ڪاروايون نه ڪري ھا ته اڄ انگريز اسان جي ڇاتي تي ديو جيان سوار ٿيو ويٺو ھجي ھا ملڪي نجات ۽ انگريزي سامراج سان لڙائي ۾ رڳو مھاتما گانڌيءَ جي عدم تشدد ڪم نه ڪيو پر ” حر تحريڪ “ ۽ ھيمون جي ڪارنامن به انگريز کي گوڏا کوڙايا ھئا. سياست ۾ ضروري ناھي ته رڳو عدم تشدد ئي ھجي ، لڙائي ڌار.ي حڪمران سان ھجي ظلم فرنگيءَ سان ھجي ان وٽ ھٿيار ، بارود ۽ ٽينڪون ھجن ۽ ٻئي طرف رڳو عدم تشدد ھجي! حقيقت ۾ اھي ڪاروايون ئي ھيون جن انگريزن کي جنگ ۾ ڀڄائي شڪست ڏني ھئي !.” ھندستان خالي ڪريو “ مھاتما گانڌِيءَ جي نعري ھڻڻ سان سڀئي ڪانگريسي ليڊر جيلن ۾ ٻوساٽيا ويا ھئا ان ڪري ڪانگريس ھندستان مان فرنگيءَ کي ڀڄائڻ ۾ واضع ڪابه پاليسي تيار نه ڪري سگھي ۽ جيڪي به عدم تشدد يا تشدد واريون ڪاروايون ھيون اُھي ماڻھن جي طرفان ھيون. انھن حالتن ۾ اھو چوڻ ته ھيمونءَ وارن پنھنجي سوچ کي صحيح نموني استعمال نه ڪيو اھو ھيمونءَ جي قرباني کي وسارڻ برابر آھي.ھڪ ڪانگريسي اڳواڻ جي ڪرپلاڻي 1946ع جي ميرٺ واري ڪانگريس جي اجلاس جي صدارتي خطبي ۾ چيو ھيو ” مان عدم تشدد تي قطعي عقيدو رکڻ وارو ماڻھو آھيان، پر مان مٿو چئي سگھان ته مشرقي بنگال ۾ ماڻھن تي جو دٻاءُ پيو آھي اھو جيڪڏھن مون تي پوي ھا ته نٿو ڄاڻان ته منھنجي دماغ تي ان جو ڪھڙو ردعمل ٿئي ھا.“ھيمون شھيد جيڪو ڪجھ ڪيو اھو ردعمل ھئو ۽ ھن جيڪي ڪجھ ڪيو ان جي حيثيت ۾ اھميت کان لنوائڻ وارا فقط مذھبي ڄار ۾ ڦاٿل سمجھڻ گھرجن.
”ھيمون“ پنھنجي دور ۾ ان وقت جي سياسي پاليسيءَ ۾ پنھنجي الڳ حيثيت رکندڙ نوجوان ھو جنھن ان تاريخي معرڪي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو . ڇا ڪاڻ ته ڪانگريسي اڳواڻ ، ھندستان جي مھاپرش مھاتمام گانڌي جنھن حڪم ڪيو ” ھندستان خالي ڪريو“ اھو عدم تشدد جو حامي ھئو ۽ سندس عدم تشدد ۾ ايمان ھئو. پاڻ چيو ھئائين : ” مان ھتي ٿورو پنھنجي اعتماد جو به اظھار ڪري ڇڏيان . ھڪ ڪانگريسيءَ جي حيثيت سان ھن خيال کي آڏو رکي ته ڪانگريس مضبوط رھي . مان عدم تعاون جي تحريڪ کي بند ڪرڻ جو مشورو ڏيان ٿو. ڇاڪاڻ ته مان ڏسان ٿو ته ملڪ ھن لاءِ تيار ڪونھي. ليڪن ھڪ فرد جي حيثيت سان مان ان وقت تائين ائين ڪري نٿو سگھان ۽ نه ئي ڪندس.جيستائين حڪومت اھا ئي رھي ٿي … منھنجي لاءِ ھيءَ پالسي نه پر منھنجو پڪو ايمان آھي ته عدم تعاون ۽ سول نافرماني ھڪ ئي وڻ جون مختلف شاخون آھن… مان تمام نفرت ۽ تشدد کي ان کان پري ٿو ڄاڻان. ڇاڪاڻ ته مان انگريزن سان نفرت ڪري نٿو سگھان ۽ نه ئي وري ڪڏھن مان انھن سان نفرت ڪندس. مان انھن جي جوا کي برداشت نه ڪندس. مان پنھنجي موت تائين ھندستان تي برطانوي طريقن ۽ برطانوي ادارن جي نفاذ جي خلاف وڙھندس البته مان ھيءَ لڙائي عدم تشدد سان وڙھندس. مان ھندستان جي ھن قابليت جو اعتراف ٿو ڪريان ته ھو پنھنجي حڪمرانن جي خلاف عدم تشدد سان جنگ وڙھي سگھي ٿو.“1924ع ۾ ڪانگريس جي بلگام واري اجلاس جي ڪيل صدارتي تقرير مان ) مون مھاتما گانڌيءَ جي مٿين مثال کي پيش ڪري غلطي ڪئي آھي . حقيقت ۾ مھاتماگانڌي جي عدم تشدد واري پاليسيءَ کان انڪار ڪرڻ ٿيندو. ڄڻ سچ کي کاري ھيٺان لڪائڻ جي برابر ٿيندو انڪري مھاتماجي عدم تشدد جي حامي ھئڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪو به ھڪڙو مثال ڏيڻ ئي غلط آھي.
”ھندستان خالي ڪريو“ تحريڪ جيڪا انگريزن کي چئليج ھئي للڪاري ھئي. اھا به سموري عدم تشدد تي ٻڌل ھئي. تشدد واري ھر تحريڪ ۽ ھر عمل جا ھو مخالف ھئا شھيد ھيمون ڪالاڻيءَ جي ڦاسيءَ تي ھنن جو ڪھڙو ردعمل ھئو، اھا ڳالھ به ڳجھي ڪانه آھي! ھندستان خالي ڪريو کي ” ھيمون “ پنھنجو ڪيو . پر پنھنجي انداز ۽ پنھنجي سوچ سان ۽ ” ھيمونءَ“ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اھو سنڌ جي تاريخ ۾ لافاني ۽ لاثاني ڪردار آھي جنھن کي وسارڻ سنڌ کي وسارڻ جي برابر ٿيندو!!!” ھيمون“ نوجوان ھئو ڳڀرو ھئو انگريزن جو دشمن ھئو . ھن چاھيو ٿي ته انگريز جلدي جلدي ھندستان خالي ڪري وڃي. ھن انگريز سان ويڙھ لاءِ سوچيو چريو ھئو پر بين چرين کي گڏ ڪيو ھئائين . ” فيل مست فرنگي “ کي ڀڄاڻي لاءِ ، ۽ پوءِ ” ڀڄ مست چريا ٿا اچنئي “ جي قول جيان مست کي اھڙو تنگ ڪيائون جو ڪيڏانھن وئي سندس مستي،
ڪيڏانھن ويو سندس عروج! چريا اھڙا لڳس جو ھندستان مان ” فيل مست “ انگريز ائين ڀڳو ، ڄڻ آيو ئي ڪونه ھئو.!تاريخ پنھنجو پاڻ کي دھرائيندي آھي ورجائيندي آڳي پنھنجو پاڻ اُٿلائيندي آھي ”فيل مست “ رڳو انگريز ڪونه ھئو چريو به رڳو ” ھيمون “ ڪونه ھئو ھيمون شھيد سان گڏ ٻيا به چريا ھئا ۽ انگريز کان پوءِ سندس روحاني اولاد به پنھنجي مستيءَ ۾ رھيو آڳي ۽ واري واري سان ھيمونءَ جھڙا آيا آھن جن انھن مستن کي ڊوڙايو آھي. پنھنجي ڌرتيءَ تان پير اکوڙيا آھن. انگريز کان اڳ به ائين ھئو ۽ پوءِ به ابراھيم منشيءَ ھڪڙي شعر ۾ چيو آھي:” ويا گورا وريا ڪارا، فڪر بدليو نه فن بدليو “
اھا شئيءَ آھي انگريز ۽ سندس روحاني اولاد لاءِ ۽ شيخ اياز وري ھڪڙي شعر ۾ چيو آھي :
جي راھ اجل ڪنھن ورتي آ، ھن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ،
ھي ڌرتي توکي پرتي آ، مھمان ھزارين مان نه رڳو!
اِھا شئي آھي ” شھيد ھيمون“ ۽ سندس وارثن لاءِ منھنجو مطلب آھي ھر شئيءَ پنھنجو ويس بدلائيندي رھي آھي ولي دائود پوٽي جو ھڪ شعر آھي:
ساڳيا اوٺي ساڳيا اُٺ، ساڳي اُٺن واڳ،
ڀينر ھن ڀنڀور سان ، ڀيري ڀيري ڀوڳ!
ڀنڀور سان ڀيري ڀيري ڀوڳ ان حالت ۾ آھن، جڏھن ڀنڀور جي رھواسين کي پروڙ ڪونھي ته سندس ويري ڪير آھي ، دشمن ڪھڙو آھي؟ سڄڻ ۽ محسن ڪھڙو آھي؟ رھبر ۽ رھزن ڪھڙو آھي؟ اسان جي رھبري ، اسان جي بزرگن ڪئي آھي، اسان جي قومي شاعر سائين عبدالطيف چيو آھي:
” ڀينر ! ڀنڀوران ، ڀڄو ته اُبھو“
اڳي ان ماڳان ، سرتين سور پرائيا!“
اِھي شيون اسان وٽ موجود آھن. جيڪي قومون پاڻ کي زنده رکڻ جون طالبون ھونديون آھن. انھن کي پنھنجي شھيدن سان ، سورمن سان پيار ھوندو آھي، پنھنجي ماضيءَ جي تاريخ کي آڏو رکي ھو شاندار مستقبل جي تعمير ڪنديون آھن غلاميءَ جا ڳٺ ڇنيديون آھن ۽ پيرن ۾ پيل ڏنڊا ٻيڙيون چڪن سان ڇني ڇڏينديون آھن.
شھيد ھيمون ڪالاڻي اسان جي سنڌ جي ماضي ، حال ۽ مستقبل جو ھيرو آھي. ھو اسان جي محبت ۽ پيار جو مرڪز ھئڻ گھرجي ، جيترو سندس پنھنجو پنھنجي پيار سان.
اسان جي نوجوانن کي ھيمون شھيد جي مستقبل ۽ سبق آميز زندگيءَ مان پرائڻ گھرجي ، اھائي اسانجي وڏي ۾ وڏي حاصلات آھي جنھن کي اسان فخر سان لڳائي سگھون ٿا.
ھيمونءَ جو روح به تڏھن خوش رھندو جڏھن کيس يقين ٿي ويندو ته سندس ڌرتيءَ تي سامراج موجود ڪونھي!!!

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button