مختصر خبرون

شھدادڪوٽ: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هوٽل تي ويٺل هڪ ڄڻو مارجي ويو

ضمير کرل، شھدادڪوٽ
شهدادڪوٽ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هوٽل تي ويٺل هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو پوليس چڙهائي ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي شهر جي دوست علي روڊ تي ڪار ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هوٽل تي ويٺل چاليهه ورهين جي سونو خان پٽ پهلوان مگسي مارجي ويو جڏهن ته ساڻس گڏ ويٺل عزيز محمد حسن مگسي زخمي ٿي پيو حد جي ٿاڻي جي پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جي مڙه کي ضروري ڪاروائين ۽ زخمي کي کڻائي شهدادڪوٽ اسپتال پهچايو زخمي کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي اسپتال ۾ موجود مقتول سونو مگسي جي سوٽ اميرجان مگسي ۽ ٻين عزيزن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته سندن فوتي ۽ زخمي نوجوان ڪار اسٽينڊ ويجھو هوٽل تي ويٺل هئا ته شراب جي نشي ڌت هٿيار بندن اوچتو فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي هنن چيو ته هنن جي ڪنن سان به دشمني ناهي بيگناه ساڻس ظلم ڪيو ويو آهي هوڏانهن فائرنگ جي الزام ۾ شهدادڪوٽ پوليس چڙهائي ڪري هڪ جوبدار فرخ ڳرف چُوري مگسي کي گرفتار ڪري لاڪپ اپ ڪري چڏيو آهي هوڏانهن اوچتو واقعي جي اطلاع تي سندن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button