حيدر آباد

شيخ ايازسنڌ جي ماڻهن کي قومي سڃاڻپ ڏني،ڊاڪٽر حميد سنڌي

Shaikh Ayaz Sindhi Poetحيدرآباد : سنڌ جي اديبن ، محققن دانشورن ۽ شاعرن سنڌ جي ناليواري مهان قوي شيخ اياز کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ماضي ۾ ثقافت کاتي پاران شيخ اياز کي وساريو ويو هو پر موجوده پ پ پ جي حڪومت جي دور ۾ ثقافت کاتي شيخ اياز کي اهميت ڏيندي نه رڳو سندس ڪيل ڪم کي مختلف زبانن ۾ ترجمو ڪرائي ڪتاب ڇپرايا آهن پر سندس نالي تي ڪئمپس ۽ ڪلچرل ڪامپليڪس پڻ قائم ڪيا ويا آهن اهڙن خيلان جو اظهار هنن اڄ سنڌ جي ثقافت کاتي پاران سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا هال ۾ سنڌ جي مها قوي شيخ اياز جي 90 هين سالگره جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو- تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي ٻولي اختياري جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي کانپوءِ شيخ اياز سڌ جو تمام وڏوشاعر هو جنهن پنهنجي شاعري ذريعي عوام ۾ پنهنجي اڳواڻن جا نظرين جي حوالي سان ِ اتساهه پيدا ڪيو ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي ناليوار اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر حميد سنڌي چيو ته شيخ اياز جي شاعري ۾ اهڙي جدت آهي جو اها هن وقت قومي شاعري جو درجو حاصل ڪري ورتو آهي هن چيو ته شيخ اياز پنهنجي شاعري ۽ سوچ ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي قومي سڃاڻپ ڏني جنهن تي شيخ اياز جي جيتري به ساراهه ڪجي اها گهٽ آهي تقريب کي خطاب ڪندي قاضي خادم چيو ته شيخ اياز هميشه پنهنجي زندگي سادگي سان گذاري پنهنجي ڪم کي لازوال بڻائي ڇڏيو سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويو چيو ته شيخ اياز سنڌ جي قومي علامت آهي ۽ سندس ڪيل ڪم سنڌ جي عوام لاءِ هڪ خزاني جي حيثيت رکي ٿو هن چيو هو سنڌ مهان ڏاهو هو جنهن هميشه سنڌ جي ترقي جي پرچار ڪئي ان موقعي تي سنڌ ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سسئي پليجو خاص مهمان طور خطاب ڪندي چيو ته شيخ اياز کان علاوه امرجليل ، سراج ميمڻ ، ۽ جمال ابڙو سميت ٻين ڏاهن جي ٿيل ڪم کي مختلف زبانن ۾ ترجمو ڪرائي سندن ڪتاب ڇپرائڻ واري رٿا تي ڪم جاري آهي جڏهن ته ثقافت کاتي پاران شيخ اياز جي شاعري جو اردو ۾ ترجمو ڪرائي ڪتاب ڇپرايا ويا آهن هن چيو ته شيخ اياز سنڌ جو ارڏو ۽ بهادر شاعر هو جنهن لازوال شاعري ڪري پاڻ ۽ پنهنجي ڪم کي هميشه لاءِ امر بڻائي ڇڏيو هن چيو ته سنڌ صوفين ، بزرگن ۽ اوليائن جي سرزمين آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي سرزمين تي ڪنهن کي به انتها پسندي جي اجازت نه ڏيندا هن چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ واري قرارداد سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ پ پ پ حڪومت جو وڏو ڪارنامو آهي هن چيو ته ثقافت کاتي پاران موجوده حڪومتي دور ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن سان سلهاڙيل تاريخي ماڳن۽ مڪانن محفوظ بنائڻ سميت ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪيو آهي
ان کان اڳ صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ کي صوفي ازم جي سرزمين هجڻ ڪري دنيا ۾ هڪ منفرد مقام حاصل آهي ۽ هتان جا ماڻهو، برداشت، محبت ، امن ۽ ڀائيچاري واري جذبي سان سر شار آهن
هن اتر سنڌ ۾ دهشتگردن پاران اتر سنڌ ۾ بزرگن جي مزارن تي ڪيل حملن جي جي مذمت ڪندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن هميشه پنهنجي ڌرتي تي بنياد پرستي ۽ انتها پسندي جي مخالفت ڪئي آهي هن چيو ته شيخ اياز هڪ عظيم شاعر ۽ اسڪالر هو جنهن پنهنجي شاعري وسيلي امن جي پيغام کي عام ڪيو هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي وحدانيت تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندا ۽ سنڌ جي حقن خاطر ڪنهن به قرباني نه ڪيٻائيندا ان موقعي تي شيخ اياز جي ڪيل ڪم تي مشتمل 21 ڪتابن کان علاوه ابرهيم جويو جي 1 ڪتاب جو مهورت پڻ ڪيو ويو تقريب ۾ صادق فقير، ديبا سحر سميت ٻين فنڪارن شيخ اياز جي شاعري ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button