شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي ويئي

ضمير کرل، شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي ويئي
شهدادڪوٽ ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي ويئي
شهدادڪوٽ ۾ ايڇ آر ڊي ايس ۽ سائيٽ سيوَرز اسلام آباد پاران ڳوٺ سيلرا،ڪُورَ ڏاتو ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لاڳائي وئي، سماجي تنظين جي ڪوآرڊينيٽر جاويد شيخ جي نگرانيءَ ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽر عبدالستار وڌو ٻه سؤ کان وڌيڪ اکين جي مرض ۾ مبتلا مريضن کي چڪاسي مفت چشما ۽ دوائون فراهم ڪيون،ان موقعي تي اڳواڻن جاويد شيخ، ناديه وڌو،اسلم بوزدار،عباس سيلرو،حق نواز اعواڻ ۽ ٻين خطاب ڪندر چيو ته شهدادڪوٽ ٻوڏ متاثر علائقو آهي، جتي ڪامڻ ۽ ٻين بيمارين جي عام هئڻ سان گڏ اکين جي بيماري عام آهي،پٺتي پيل علائقي جي ماڻهن کي اکين جي بيمارين کان پچائڻ لاءِ ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button