شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: ڪارنهن الزام هيٺ ناري قتل، ڪيس داخل نه ٿيو

ضمير کرل، شھدادڪوٽ
Honor Killingشهدادڪوٽ ويجھو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي نوجوان زال کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ نبي شاه ۾ جوابدار احسان کوسو پنهنجي 26 ورهين جي زال نور بانو کوسو کي بندوق جا فائر ڪري ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي شهدادڪوٽ اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي جڏهن ته واقعي جو اطلاع مقتولا ناري جي پيءُماءُ کي ڏنو ويو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته سندن 2 سال اڳ۾ شادي ٿي هئي ۽ 6 مهينن جي ٻارڙي جو اولاد آهي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button