آڊيو گيلريشهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: پڪو ڪيو وڃي، ميونسپل ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال

ضمير کرل، شھدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: پڪو ڪيو وڃي، ميونسپل ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال
شهدادڪوٽ: پڪو ڪيو وڃي، ميونسپل ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال

شهدادڪوٽ ۾ ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ ۽ پگهارون نه ڏيڻ خلاف ڇهين ڏينهن به ميونسپل ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکي احتجاجي مظاهرو ڪرص ڌرڻو هنيو آهي ميونسپل ملازمن يونين صدر مقبول شاهاڻي، جميل شاه ، ذوالفقار ڊومڪي ، رياض ڳنوانس ، بند علي تونيو ، اميش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکندي آفيس کا احتجاجي جلوس ڪڍي شهر جي مختلف رستن جو گشت ڪرڻ بعد ڪوٽوموٽو چوڪ تي پهچي ٽائرن کي باهيون ڏيئي ۽ رڪاوٽون وجھي ڌرڻو هنيو جنهن سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ، ويندڙ گاڏيون قطارن ۾ بيهجي ويون ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن پنهنجي مطالبن جي حق ۾ سخت نعريبازي پڻ ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پنهنجا نواز پاليسي تحت پنهنجن ماڻهن کي پڪا آرڊر ڏنا ويا آهن پر سالن کان صفائي ، سٿرائي جي ڪم مصروف ڪچن ملازمن کي پڪو ناهي ڪيو ويو ۽ کين گذريل مهيني جي پگهار به ناهي ڏني وئي جيڪا خدمت ڪندڙ ملازمن سان سراسر نا انصافي آهي هنن چيو ته ٽي ايم او نثار مگسي گذريل مهيني هڪ ڪروڙ ويهه لک روپين واري ايندڙ قسط غائب ڪري چڏي آهي ٻيو ته ڪم ڇڏ ختم نه ڪرڻ تي يونين صدر مقبول شاهاڻي سميت ٻين يونين اڳواڻن کي جان کان مارائڻ ۽ جيل وجهرائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي هنن مسئلا حل ڪري ڪرپٽ ٽي ايم او کي هٽائڻ جي گهر ڪندي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو آهي ٻئي پاسي ملازمن جي ڇهه ڏينهن جاري ڪم ڇڏ هڙتال سبب سمورو شهر گند جو ڍير بڻجي ويو آهي ۽ ڪوٽو موٽو چوڪ سميت شهر جي مختلف پاڙن مک روڊن ، رستن تي نالين جو گندو پاڻي اٿلي پيو آهي جنهن سبب شهري سخت عذاب واري زندگي گذارين پيا

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button