شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: پاڻيءَ جي عالمي ڏهاڙي بابت ريلي

ضمير کرل، شهدادڪوٽ

پاڻيءَ جي عالمي ڏهاڙي بابت ريلي
پاڻيءَ جي عالمي ڏهاڙي بابت ريلي
شهدادڪوٽ ۾ ايڇ آر ڊي ايس ۽ سائيٽ سيوَرز اسلام آباد پاران پاڻيءَ جي عالمي ڏهاڙي بابت ريلي ڪڍي جاڳرتا ڏني وئي،ڳوٺ مير جي نَري ۾ ايڇ آر ڊي ايس جي ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊنيٽر جاويد شيخ ،ناديه وڌو، غلام عباس کهاوڙ،اسلم بوزدار،خالد کهاوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي ۽ ڳوٺاڻن کي ليڪچر ڏيندي چيو ته پاڻي قدرت پاران عطا ڪيل نعمت آهي انکي فالتو زِيان ٿِيڻ نه ڏجي، سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ 70 سيڪڙو پاڻي زراعت 20 سيڪڙو فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۽ 10 سيڪڙو گهريلو سطح تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، هنن چيو ته پاڻي انسانن کان سواءِ جانورن ۽ پکين لاءِ به ضروري آهي،هنن گهر ڪئي ته سنڌ جي ٻوڏ واري پاڻيءَ کي ڪوهستان ۽ ٿر ۾ گڏ ڪري اتان جي عوام جي اڃ اُجهائي وئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button