شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: ميونسپل ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال، شهر گندگي جي ور

ضمير کرل، شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: ميونسپل ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال، شهر گندگي جي ور
شهدادڪوٽ: ميونسپل ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال، شهر گندگي جي ور
شهدادڪوٽ ۾ ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ ۽پگهارون نه ڏيڻ خلاف ميونسپل ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ويو ملازمن جي هڙتال سبب سمورو شهر گندگي جي ور چڙهي ويو ميونسپل ملازمن يونين صدر مقبول شاهاڻي،جميل شاه، بند علي تونيو ، رياض ڳنواس ، ذوالفقار ڊومڪي ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج جلوس ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي پهچي ٽائر ساڙي ۽ رڪاوٽون وجھي ڌرڻو هنيو جنهن سبب سنڌ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجن ۽ ڪم نه ڪندڙ ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته جيڪي ڪم ڪن ٿا ڏينهن رات صفائي ،سٿراي جي ڪم ۾مصروف آهن انهن کي پڪو نه ٿو ڪيو وڃي هنن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته ٽي ايم او نثار مگسي فيبروري جي ماهوار آيل هڪ ڪروڙ ويهه لک قسط هيڏي هوڏي ڪري ڇڏي آهي،جنهن سبب ملازم پگهار واري حق کان به مرحوم آهي،هنن چيو ته هيڏي ڪرپشن ڪرڻ باوجود شهر جي مختلف علائقن مان گند کڻندڙ ٽريڪٽر ۽ ٻيو گاڏيون مرمت نه ٿيڻ ۽ تيل نه ملڻ سبب بند پيون آهن، هنن چيو ٿه هيڏي ڪرپشن ڪرڻ باوجود ملازمن سان ناانصافين جو سلسلو جاري آهي،پر ڪنهن به چونڊيل نمائيندي ڪم ڇڏ هڙتال ۽ شهر جي بري حالت جو نوٽيس ناهي ورتو،هنن چيو ته ٽي ايم او نثار مگسي يونين صدر مقبول شاهاڻي کي احتجاج ۽ ڪم ڇڏ هڙتال بند بڍنه ڪرائڻ تي جان کان مارڻ جو ڌمڪيون ڏنيو آهن،هنن عطائي ايڊمنسٽريٽر جي ڏاڍاين ۽ ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ملازمن جا مطالبا منظور ڪري انهن ۾ پکيڙيل بي چيني کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،مڇريل ملازمن مطالبن منظور نه ٿيڻ تائين ڪم ڇڏ هڙتال ۽ احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button